واشنگٽن: آمريڪا جي سخت دٻاءَ سبب ڀارت روس کان تيل جي خريداري ۾ گهڻي گهٽتائي آندي آهي.
وائيٽ هائوس جي عملدارن برطانوي خبر اداري رائٽرز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڀارت روس کان تيل جي خريداري 50 سيڪڙو گهٽائي ڇڏي آهي.
عالمي ميڊيا جي رپورٽ موجب، وائيٽ هائوس جي عملدارن جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ واپاري ڳالهين جو ماحول تعميري ۽ فائديمند رهيو، جن جي نتيجي ۾ ڀارتي ريفائنرين روس کان تيل جي درآمد ۾ اڳ ئي 50 سيڪڙو گهٽتائي آندي آهي.
ڀارت مستقبل ۾ مڪمل طور تي روس کان تيل جي خريداري بند ڪندو يا نه، ان بابت آمريڪي عملدارن وڌيڪ تفصيل نه ڏني، پر برطانوي ميڊيا ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته ڀارتي ريفائنريون روسي تيل تي انحصار ختم ڪرڻ جي تياري ڪري رهيون آهن، ۽ خريداري ۾ گهٽتائي ڊسمبر کان ممڪن آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر اوول آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کيس روس کان تيل نه خريد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته هو ڀارت جي روسي تيل جي خريداري تي خوش نه هئا، پر هاڻ اهو معاملو طئي ٿي ويو آهي. صدر جو چوڻ هو ته ڀارت فوري طور تي روس کان تيل جي خريداري بند نه ڪري سگهي ٿو، پر جلد ئي بند ڪري ڇڏيندو.
ٻئي طرف ڀارت جي پرڏيهي وزارت مودي ۽ ٽرمپ جي وچ ۾ روسي تيل جي خريداري بند ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه جي ترديد ڪئي آهي.

