غزه لاءِ آمريڪي صدر جا 20 نڪتا اسان جي موقف سان مطابقت نٿا رکن: اسحاق ڊار

HomeFeatured Newsغزه لاءِ آمريڪي...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته غزه جي امن لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران پيش ڪيل 20 نڪاتي منصوبو پاڪستان جي موقف سان مطابقت نٿو رکي. هن واضح ڪيو ته اهو ڊرافٽ تبديل ٿيل آهي ۽ پاڪستان قائداعظم جي فلسطين بابت پاليسي تي قائم آهي.

اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۾ ملڪ جي ڀرپور نمائندگي ڪئي، جتي هن ڪشمير ۽ فلسطين جا مسئلا اجاگر ڪيا، موسمي تبديلي تي ڳالهايو ۽ اسرائيل جي مظالم جي مذمت ڪئي.

هن چيو ته اقوام متحده، يورپي يونين ۽ عرب ملڪن غزه ۾ رت وهڻ روڪڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. پاڪستان جي ڪوشش آهي ته ڪجهه اسلامي ملڪن سان گڏجي آمريڪا کي شامل ڪري، جتي روزانو معصوم جانون وڃائجي رهيون آهن، بک، بيدخلي ۽ مغربي ڪناري تي قبضي جا منصوبا هلي رهيا آهن.

اسحاق ڊار ٻڌايو ته 64 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن ۽ هڪ لک پنجاهه هزار کان وڌيڪ زخمي آهن. اقوام متحده ۽ او آءِ سي پاران ڪيترين ئي قراردادن جي منظوري باوجود صورتحال بهتر نه ٿي سگهي آهي.

هن چيو ته پاڪستان، ترڪي، انڊونيشيا ۽ پنج عرب ملڪن جي صدورن ۽ وزيراعظمن پنهنجي پرڏيهي وزيرن سان گڏ آمريڪي صدر سان ملاقات ڪئي. جڏهن 20 نڪاتي ايجنڊو ڏنو ويو ته اسلامي ملڪن طرفان ترميم ٿيل منصوبو پيش ڪيو ويو، پر فائنل ٿيل ڊرافٽ ۾ جيڪي تبديليون آنديون ويون، اهي قابل قبول نه آهن.

اسحاق ڊار چيو ته اهو ڊرافٽ نه آهي جيڪو پاڪستان ۽ ٻين مسلمان ملڪن تيار ڪيو هو. اسان ان تي ئي ڌيان ڏينداسين، جنهن تي 8 اسلامي ملڪن اتفاق ڪيو هو.

هن زور ڏنو ته غزه ۾ مڪمل جنگ بندي ضروري آهي ۽ تعمير نو ڪئي وڃي. فلسطين جو مسئلو سياسي نه، اسلامي ملڪن جي ذميواري آهي. پاڪستان جي فلسطين بابت پاليسي قائداعظم جي پاليسي آهي.

نائب وزيراعظم ٻڌايو ته صمود فلوٽيلا ۾ پاڪستان جو هڪ شهري به شامل هو، اسرائيل 22 پاڪستانين کي تحويل ۾ ورتو آهي، جن ۾ اڳوڻو سفير مشتاق احمد به شامل آهي. پاڪستان انهن جي آزادي لاءِ هڪ بااثر يورپي ملڪ سان رابطي ۾ آهي.

سعودي عرب سان معاهدي بابت اسحاق ڊار چيو ته حرمين شريفين لاءِ جان به قربان آهي. معاهدي تي ڳالهه ٻولهه پي ڊي ايم دور ۾ شروع ٿي، موجوده حڪومت ان تي ڪم مڪمل ڪيو. هن چيو ته اهو انتهائي اهم معاهدو آهي، جنهن کان پوءِ ٻين ملڪن به دلچسپي ڏيکاري. جيڪڏهن وڌيڪ ملڪ شامل ٿيا ته اهو هڪ نيٽورڪ بڻجي سگهي ٿو، ۽ پاڪستان مسلم امه جي اڳواڻي ڪندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ڪشمير مسئلي جي پائيدار حل...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستاني فوجن 2025ع ۾ ڀارت جو غرور مٽي...

ڀارت جون سنڌ طاس معاهدي...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت پاران هائيڊرولوجيڪل ڊيٽا جي...

تڪرار عالمي امن لاءِ وڏو...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته دنيا ۾ جاري تڪرار عالمي امن...

افغانستان ٽي ٽي پي کي...

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته افغانستان کي واضح طور ٻڌايو ويو آهي ته...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});