اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستاني فوجن 2025ع ۾ ڀارت جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، ۽ ڪشمير مسئلي جي پائيدار حل تائين خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين ڀڃڪڙي جاري آهي، جڏهن ته 2025ع ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ جمود ٽٽي پيو.
سالياني نيوز بريفنگ ۾ اسحاق ڊار وضاحت ڪئي ته معرڪه حق کان پوءِ پاڪستان جي وقار ۾ اضافو ٿيو، دنيا ڏٺو ته پاڪستان حملن کان پوءِ به تحمل جو مظاهرو ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستاني شاهينن ڀارت جا ست جهاز ڪيرايا، ۽ اها رڳو دفاعي ڪارروائي هئي، وڌيڪ به ڪيرائي سگهياسين پئي. هن چيو ته ڀارت جي حملن کان پوءِ پاڪستان کي جوابي ڪارروائي جو حق حاصل هو.
نائب وزيراعظم چيو ته ڀارت جي طرفان مقبوضه ڪشمير ۾ جغرافيائي تبديليون ناقابل قبول آهن، ۽ ڪشمير جو فيصلو صرف استصوابِ راءِ ذريعي ٿي سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي بابت عالمي فورمز سان رابطو ۾ آهي ۽ ڀارت لاءِ فضائي حدون بند ڪرڻ جو قدم کڻيو ويو.
اسحاق ڊار چيو ته ڀارت پهلگام واقعي بابت بي بنياد الزام پاڪستان تي لڳايا، جڏهن ته نور خان ايئر بيس تي حملو ڀارت جي وڏي غلطي هئي، جنهن جو جواب پاڪستان ڏنو. هن واضح ڪيو ته نو مئي جي رات پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت گڏجي ڀارت کي جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ ڪنهن کان جنگبندي ڪرائڻ لاءِ نه چيو.
هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو دارومدار مسئلوَ ڪشمير جي حل تي آهي. چار ڏينهن جي تڪرار دوران پاڪستان جي ڪارڪردگي جو امتحان ٿيو، 36 ڪلاڪن ۾ ڀارت طرفان 80 ڊرون موڪليا ويا جن مان 79 مار گرائے ويا.
معاشي صورتحال بابت نائب وزيراعظم ٻڌايو ته دوست ملڪن جو تعاون جاري آهي. متحده عرب امارات سان هڪ ارب ڊالر جي ٽرانزيڪشن جلد مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن سان وڏي مالي ذميواري ختم ٿيندي. هن چيو ته سعودي عرب مسلسل سپورٽ فراهم ڪئي، چين چار ارب ڊالر ڊپازٽ جي صورت ۾ مدد ڪئي، جڏهن ته متحده عرب امارات طرفان به ٽن ارب ڊالر جي معاونت ملي.
اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته امارات سان هڪ ارب ڊالر جي معاملي تي باضابطه ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ۽ ٻنهي ملڪن جي سوچ آهي ته جيڪڏهن هن رقم کي سيڙپڪاري ۾ تبديل ڪيو وڃي ته پاڪستان لاءِ وڌيڪ فائديمند ٿيندو.
بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي پوزيشن بابت هن چيو ته الله جي فضل سان پاڪستان جي عالمي ساک ۾ نمايان بهتري آئي آهي، جيڪا نتيجه خيز ۽ مقصد واري سفارتڪاري جو نتيجو آهي. هن ميڊيا جي ڪردار کي به ساراهيو.
نائب وزيراعظم ياد ڏياريو ته 5 آگسٽ 2019ع جو واقعو، جڏهن ڀارت پنهنجي آئين ۾ تبديلي ڪري جمون ۽ ڪشمير کي هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ به عالمي سطح تي ڀارت جي بدنيتين جو ثبوت آهي. هن چيو ته اقوام متحده جون قراردادون ۽ تاريخ موجود آهي، ۽ ڀارت پاڻ به تسليم ڪندو رهيو آهي ته ڪشمير جو فيصلو ٿيڻ ضروري آهي.

