اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرِ خارجا اسحاق ڊار 6 نومبر تي ٿيندڙ پاڪ افغان ڳالهين کان اڳ ترڪي جي دوري تي روانو ٿيندو. ذريعن موجب، هو ترڪ وزيرِ خارجا حاقان فيدان جي دعوت تي ايندڙ هفتي جي شروعات ۾ انقره پهچندو.
ترڪي ۾ قيام دوران، اسحاق ڊار غزه جي صورتحال تي ٿيندڙ 8 ملڪن جي وزراءِ خارجا جي اهم اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. هي اجلاس اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي سائيڊ لائنز تي ٿيل سفارتي رابطن جي فالو اپ طور منعقد ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ افغان ڊائلاگ کان اڳ اسلام آباد ۾ سفارتي سرگرمين ۾ تيزي اچي وئي آهي، جتي پاڪستان خطي ۾ فعال سفارتي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

