اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت پاران هائيڊرولوجيڪل ڊيٽا جي فراهمي ۽ گڏيل نگراني جي عمل کي روڪڻ سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته ڀارتي پاڻي روڪڻ وارو عمل انساني بحران کي جنم ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا۔
پرڏيهي سفارتڪارن سان ڳالهائيندي نائب وزيراعظم ٻڌايو ته ڀارت اپريل 2025 ۾ سنڌ طاس معاهدو هڪ طرفو معطل ڪيو ۽ معاهدي تحت پاڪستان کي ملندڙ ضروري ڄاڻ ۽ ڊيٽا روڪي ڇڏي۔
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ڀارت پاران تڪرارن جي حل لاءِ طئي ٿيل طريقيڪار کان ڀڄڻ عالمي قانونن ۽ بين الاقوامي ذميوارين جي نفِي آهي۔
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڀارتي گهرو وزير کليل لفظن ۾ معاهدو بحال نه ڪرڻ ۽ پاڻي جو رخ موڙڻ جا بيان ڏئي چڪا آهن، جنهن سان پاڪستان جي غذائي سلامتي کي شديد خطرا لاڳو ٿي ويا آهن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي سنگين خدشا آهن۔
نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان هن معاملي کي ڪيترائي ڀيرا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اٿاري چڪو آهي، جڏهن ته انڊس واٽر ڪميشن ذريعي باضابطه سفارتي ۽ قانوني رستو به اختيار ڪيو ويو آهي۔
هن واضح ڪيو ته سنڌ طاس معاهدو ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو هڪ اهم ٿنڀ آهي، جنهن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون سموري خطي کي عدم استحڪام ۾ ڌڪي سگهن ٿيون۔
اسحاق ڊار ٻڌايو ته هن سال چناب درياءَ جي وهڪري ۾ ٻه ڀيرا غير معمولي تبديليون رڪارڊ ٿيون۔ 20 اپريل کان 21 مئي ۽ 7 کان 15 ڊسمبر دوران پاڻي جي وهڪري ۾ شديد لاهه چاڙا آيو، جڏهن ته ڀارت بنا اڳواٽ اطلاع جي چناب درياءَ ۾ پاڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ٻوڏ ۽ ڏڪار جهڙن خطرن کي منهن ڏيڻو پيو۔
هن چيو ته ڀارت جا اهي قدم عالمي قانون ۽ ويانا ڪنوينشن جي آرٽيڪل 26 جي ڀڃڪڙي آهن ۽ ڀارت منظم انداز ۾ سنڌ طاس معاهدي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔ هن ڪشن گنگا ۽ رتلي جهڙن منصوبن کي به معاهدي جي فني شرطن جي ابتڙ قرار ڏنو۔
نائب وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڀارتي قدمن جو نوٽيس وٺي، ڇو ته اهي رڳو پاڪستان لاءِ نه پر سموري خطي جي امن، استحڪام ۽ انساني سلامتي لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن۔

