بنون(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا جي مغل ڪوٽ سيڪٽر ۾ هڪ ڪامياب انٽيليجنس بنياد تي آپريشن دوران فتنہ الخوارج سان لاڳاپيل ٻن دهشتگردن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڪارروائي دوران فتنہ الخوارج جي طارق ڪچهي گروپ کي مؤثر انداز سان نشانو بڻايو ويو. آپريشن ۾ گروپ جو سرغنو طارق ڪچهي ۽ سندس ساٿي حڪيم الله عرف ٽائيگر مارجي ويا.
سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته هلاڪ ٿيل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار به هٿ آيا آهن. طارق ڪچهي جي دهشتگرد تنظيم گذريل ٻن سالن کان ملڪ ۾ دهشتگردانه ڪارروائين ۾ سرگرم هئي.
اطلاعن موجب، هي گروهه فتنہ الخوارج طالبان لاءِ ڀتو وٺڻ ۽ افغانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگردن جي دراندازي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ پڻ ملوث هو.

