دي هيگ: انصاف جي عالمي عدالت پنهنجي تازي مشاورتي راءِ ۾ واضح ڪيو آهي ته اسرائيل کي اقوام متحده جي امدادي اداري UNRWA ۽ ٻين بين عالمي ادارن کي غزہ ۾ امداد ورهائڻ جي اجازت ڏيڻي پوندي، ڇاڪاڻ تہ اها سندس هڪ قابض رياست طور ذميواري آهي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اسرائيل امداد جي فراهميءَ ۾ رنڊڪ نه وجهي، پر امدادي نظام تائين رسائي کي آسان بڻائي. عدالت اهو به چيو ته اسرائيل اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ته UNRWA جا ملازم وڏي انگ ۾ حماس سان لاڳاپيل آهن.
ياد رهي ته اپريل 2025ع ۾ گڏيل قومن جي وڪيلن ۽ فلسطيني نمائندن اسرائيل تي الزام هنيو هو ته هن مارچ کان مئي تائين غزہ ۾ امداد جي داخلا کي مڪمل طور روڪيو، جيڪو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. اسرائيل جو موقف هو ته حماس جا جنگجو امداد ڦري وٺن ٿا، پر هو اهو الزام عدالت ۾ ثابت نه ڪري سگهيو.
عدالت وڌيڪ چيو ته غزہ جي رهواسين کي خوراڪ جي کوٽ آهي، ۽ بک کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪرڻ قانوني طور منع آهي. فلسطيني وڪيل پال رارائيڪلر چيو ته هي راءِ واضح ڪري ٿي ته اسرائيل پنهنجي قانوني ذميوارين تي عمل نٿو ڪري.
اقوام متحده جي امدادي اداري UNRWA وٽ 30 هزار کان وڌيڪ ملازم آهن، جيڪي لکين فلسطيني پناهگيرن کي تعليم ۽ بنيادي سهولتون مهيا ڪن ٿا. اقوام متحده تصديق ڪئي آهي ته 2024ع ۾ UNRWA جا 9 ملازم 7 آڪٽوبر 2023ع جي حملي ۾ ملوث هجڻ جي شڪ ۾ نوڪرين تان هٽايا ويا هئا، جڏهن تہ اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته آڪٽوبر 2024ع ۾ غزہ ۾ مارجي ويل هڪ UNRWA ملازم حماس جو ڪمانڊر هو.
عدالت جي مشاورتي راءِ قانوني طور لاڳو نه ٿي ٿئي، پر ان جي قانوني تشريح بين الاقوامي برادري، رياستن ۽ ٻين عدالتن لاءِ رهنمائي جو ڪم ڪري سگهي ٿي. هي راءِ اسرائيل جي سفارتي ۽ قانوني حيثيت تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي، خاص ڪري سندس فوجي ڪاررواين جي قانوني جواز تي.
فلسطيني ڌر ۽ ان جا حامي ملڪ ان راءِ کي قانوني ڪاميابي طور ڏسي سگهن ٿا، جيڪا مستقبل جي ڳالهين يا ثالثيءَ ۾ سندن موقف کي مضبوط ڪري سگهي ٿي.
اسرائيل هن ٻڌڻيءَ ۾ سڌو سنئون شرڪت نه ڪئي، پر عدالت جي دائري اختيار ۽ ڪارروائيءَ کي سياسي ۽ جانبدار قرار ڏنو. عدالت جي معاون صدر جج جوليا سيبوتنڊي هن راءِ سان اختلاف ظاهر ڪندي چيو ته عدالت اسرائيل جي خدشن کي مناسب نموني نه ٻڌو، ۽ تاريخي، علائقائي ۽ سفارتي پسمنظر کي نظرانداز ڪيو.
ياد رهي ته 2024ع ۾ به عالمي عدالت چيو هو ته اسرائيل جو فلسطيني علائقن تي قبصو غيرقانوني آهي، ۽ کيس اهو فوراً ختم ڪرڻ گهرجي. عدالت اهو به چيو هو ته قابض طاقت طور اسرائيل تي فلسطيني عوام جي انساني حقن جي تحفظ جي ذميواري عائد ٿئي ٿي

