برسلز: يورپ جي 20 ملڪن يورپي ڪميشن کي هڪ گڏيل خط موڪليو آهي، جنهن ۾ غيرقانوني طور يورپ ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جي واپسيءَ لاءِ سخت قدم کڻڻ تي زور ڏنو ويو آهي.
هي خط آسٽريا، بلغاريه، قبرص، چيڪ جمهوريه، ايسٽونيا، فنلينڊ، جرمني، يونان، هنگري، آئرلينڊ، اٽلي، لٿوانيا، لکسمبرگ، مالٽا، نيدرلينڊز، پولينڊ، سلوواڪيا، سوئيڊن ۽ ناروي جي حڪومتن طرفان موڪليو ويو.
بيليجم جي پناهگيرن ۽ هجرت واري وزير اينيلين وان بوسويٽ ان خط جي تصديق ڪندي چيو ته افغان شهرين جي واپسي رضاڪاراڻي يا زبردستي طريقي سان ٿي سگهي ٿي، ۽ ان لاءِ طالبان سان ڳالهين جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته آگسٽ 2021ع ۾ طالبان جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ افغانن جي واپسيءَ لاءِ ڪو باضابطه معاهدو نه ٿي سگهيو آهي. ان سان گڏ اهو به ذڪر ڪيو ويو آهي ته ڪيترائي افغان شهرين سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن، پر معاهدي جي غيرموجودگيءَ سبب انهن کي ملڪ بدر ڪرڻ ممڪن نه رهيو آهي.
ملڪن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڏهاري افغانن جي واپسيءَ ۾ رڪاوٽ سبب يورپي ملڪن جي سلامتي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. ان ڪري يورپي ڪميشن کي تجويز ڏني وئي آهي ته افغانن جي وطن واپسيءَ کي ترجيح ڏني وڃي، ۽ جيڪڏهن طالبان سان ڳالهين جي ضرورت پوي ته ان کان گريز نه ڪيو وڃي.

