افغان پناهگيرن جي باعزت واپسي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي: سرفراز بگٽي

Homeاهم خبرافغان پناهگيرن جي...

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي قائم مقام قونصل جنرل مولوي محمد حبيب ناصر بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران انهن بلوچستان مان افغان پناهگيرن جي انخلا ۽ باعزت واپسي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته بلوچستان حڪومت پرڏيهين جي انخلا بابت قومي پاليسي کي مؤثر طريقي سان لاڳو ڪري رهي آهي ۽ صوبائي حڪومت گهر واپس ايندڙ افغان پناهگيرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته بزرگن، عورتن ۽ ٻارن جو خاص خيال رکڻ جون هدايتون اڳ ئي جاري ڪيون ويون آهن.

بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) جي عملدارن سان پڻ مسلسل رابطو برقرار رکيو پيو وڃي ته جيئن هن انخلا جي عمل کي انساني همدردي ۽ وقار سان انجام ڏئي سگهجي.

هن چيو ته اسان جون روايتون انسانيت جي احترام ۽ باهمي ڀائيچاري تي ٻڌل آهن، اسان افغان عورتن کي پنهنجون مائرون ۽ ڀينرون سمجهون ٿا ۽ ان جذبي تحت، اسان پنهنجي انتظاميا کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته پناهگيرن جي انخلا دوران ڪنهن به قسم جي تڪليف يا ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻ گهرجي.

بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته مقامي سطح تي انتظامي معاملن جي بروقت نگراني ۽ هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ، هڪ سينئر آفيسر محمد فريدون کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن پناهگيرن کي سهولتن جي فراهمي ۽ واپسي جي عمل ۾ ڪا به رڪاوٽ نه رهي ۽ جيڪڏهن ڪو مسئلو پيش اچي ته ان کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي.

وڏي وزير چيو ته افغان پناهگيرن جي واپسي هڪ بتدريج ۽ باوقار عمل جي طور تي مڪمل ڪئي ويندي جنهن دوران صوبائي حڪومت انساني همدردي جي تحت هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي.

هن چيو ته افغان پناهگيرن جي باعزت واپسي نه رڳو بلوچستان پر ٻنهي ڀائر ملڪن جي بهترين مفاد ۾ آهي. صوبائي اسيمبلي جو ميمبر انجنيئر زمرڪ خان اچڪزئي ۽ سول سوسائٽي جو نمائندو علاؤالدين خلجي پڻ اجلاس ۾ موجود هئا.

سپريم ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي هن چيو ته رياست خلاف هٿيار کڻڻ وارن کي قانون موجب جواب ڏيڻو پوندو، 19 سالن جي نوجوان کي نوڪري بدران هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪرڻ ناانصافي آهي، جيڪڏهن بي ايل اي اسڪول، اسپتال يا ڪو ٻيو ترقياتي نظام ٺاهيو آهي ته اسان ان کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين، تشدد ذريعي رياست کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

سرفراز بگٽي چيو ته پاڪستاني جهنڊو لاهڻ ۽ آزاد بلوچستان جو جهنڊو لڳائڻ ناقابل برداشت آهي، دنيا جو ڪو به ملڪ پنهنجي گهٽين ۾ عليحدگي پسند تحريڪن جي اجازت نٿو ڏئي، مارجي ويل دهشتگردن جي لاشن کي هيرو طور پيش ڪرڻ هڪ گمراهه ڪندڙ عمل آهي، بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خاندانن ذريعي رياست کي بليڪ ميل نٿو ڪري سگهجي.

بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ بار جي سامهون بلوچستان جي صورتحال پيش ڪرڻ فخر جي ڳالهه آهي. منهنجي خواهش هئي ته اهي ڪئميرا تي بلوچستان بابت ڳالهائين. ڪجهه اهڙيون شيون آهن جن تي ڪئميرا جي سامهون ڳالهائڻ ڏکيو آهي. اصل بلوچستان اهو ناهي جيڪو اسلام آباد ۾ 30-40 سالن کان چيو پيو وڃي. وڪيلن کي سياست ۾ ڪا به دلچسپي ناهي. سرفراز بگٽي چيو ته اهي ڪيمرا بند ڪري بلوچستان جي اندر جي صورتحال تي ڳالهائي سگهن ٿا. بلوچستان جي وڏي وزير سپريم ڪورٽ بار لاءِ 100 ملين رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ويهه يورپي ملڪن جو يورپي...

برسلز: يورپ جي 20 ملڪن يورپي ڪميشن کي هڪ گڏيل خط موڪليو آهي، جنهن ۾ غيرقانوني طور يورپ ۾...

زميني ۽ هوائي آپريشن ضروري...

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته دهشتگرد ھٿين خالي شهرين کي نشانو...

حافظ نعيم الرحمان جي سرفراز...

ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) حافظ نعيم الرحمان جي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان ملاقات، ملاقات ۾ بلوچستان جي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});