نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ بي جي پي جي وزيراعظم نريندر مودي جي هندوتوا پاليسين سبب مسلمانن خلاف تشدد جي نئين لهر جنم وٺي چڪي آهي، جنهن سان ملڪ جو سيڪيولر تشخص سخت خطري ۾ اچي ويو آهي.
هندوتوا سوچ رکندڙ تنظيم آر ايس ايس ۽ مودي حڪومت جي پاليسين ڀارت کي انتهاپسندي جي ڳڙهه ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اقليتن، خاص طور تي مسلمانن جي مذهبي ۽ معاشي حقن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته رياستي سطح تي دهشتگردي جهڙا قدم به سامهون اچي رهيا آهن.
اتر پرديش جي وزيراعليٰ يوگي آدتيه ناتھ گورکپور ۾ آر ايس ايس جي صد ساله تقريب دوران نفرت ڀريو خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته رياست ۾ حلال سرٽيفائيڊ شين جي وڪري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته حلال مصنوعات مان حاصل ٿيندڙ منافعي کي مذهبي تبديلي، جهاد ۽ دهشتگرد سرگرمين لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
يوگي آدتيه ناتھ سياسي اسلام خلاف بيان ڏيندي چيو ته اسلام ڀارت جي امن ۽ هم آهنگي لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي، ۽ تاريخ ۾ ان جي خلاف جدوجهد کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، يوگي جي بيان کانپوءِ رامپور ۽ بهار ۾ انتهاپسند هندو هجوم طرفان مسجد تي حملو ڪيو ويو ۽ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي وئي. يوگي حڪومت جي بلڊوزر پاليسي تحت 2017 کان وٺي هزارين مسلم خاندانن جا گهر ڊاهي پاتل ويا آهن.
مودي راڄ ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ مسلم مخالف پاليسين ڀارت جي سيڪيولر دعوائن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته عالمي برادري طرفان خاموشي هن بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي.

