ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر قائد ۾ گارڊن پوليس طرفان وڏي ڪارروائي ڪندي جعلي پاڪستاني ۽ غير ملڪي ڪرنسي، جعلي جوائننگ آرڊرز، چيڪس، پلاٽن جا جعلي ڪاغذ، جعلي ڊالرز ٺاهڻ لاءِ ڪارا ڪاغذ، ڪيميڪل ۽ ٻيون شڪايت جوڳيون شيون هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.
ترجمان ڊسٽرڪٽ سٽي پوليس موجب گرفتار ملزم “بزاد” وٽان جعلي پاڪستاني ڪرنسي ۽ آمريڪي ڊالرز مليا، جڏهن ته جوابدار وٽان پي آءِ اي ۽ اي اين ايف جا جعلي جوائننگ آرڊرز، جعلي چيڪس، پلاٽن جا جعلي دستاويز، جعلي ڊالرز ٺاهڻ لاءِ ڪارا ڪاغذ، ڪيميڪل ۽ ٻيون شيون به هٿ ڪيون ويون.
پوليس جي جاچ مان معلوم ٿيو ته ملزم گذريل 4 سالن کان جعلسازي جي ڌنڌي ۾ ملوث هو ۽ پنهنجن ساٿين سان گڏ سادا لوح شهرين کي نوڪري جو لالچ ڏئي جعلي جوائننگ ليٽرز ذريعي لوٽيندو هو. جوابدار وٽ ڪرنسي نوٽن جي درست سائيز ٺاهڻ لاءِ خاص ڊائيون به موجود هيون.
گرفتار جوابدار جا ساٿي ميڊيڪل ريپ ۽ ڪال سينٽر ۾ ڪم ڪندا آهن. پوليس موجب جوابدار وٽ ڪرنسي نوٽن جي سائيز جا سفيد ڪاغذ وڏي مقدار ۾ موجود هئا، جيڪي هو جعلسازي لاءِ استعمال ڪندو هو.
ڊي آءِ جي سائوٿ طرفان ڪامياب ڪارروائي تي ايس ايڇ او گارڊن ۽ پوليس ٽيم کي تعريفي اسناد ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ملزم خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

