آءِ بي اي سکر اسڪينڊل: بختاور سومرو طرفان ڪميٽيز ميمبرز، رجسٽرار ۽ ايس ايس پي سکر تي سنگين الزام

Homeاهم خبرآءِ بي اي...

سکر(بيورو رپورٽ) آءِ بي اي سکر جي وائيس چانسلر سميت انتظاميا تي جنسي حراسان ڪرڻ جا الزام هڻندڙ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر ۾ ليب انٽرني بختاور سومرو سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مان جيڪا ويڊيو يونيورسٽي جي مسجد ۾ ٺاهي هئي. اها 100 سيڪڙو سچي آهي.

يونيورسٽي ۾ ڪرپشن ڪندڙن ڪوڙ ڳالهائيندڙن ۽ عزتون وڃائيندڙن کي تحفظ ڏنو پيو وڃي. آءِ بي اي يونيورسٽي جي مرحوم وائيس چانسلر نثار احمد صديقي اسان سڀني جو آئيڊيل هو. يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، ليڪچرار، پروفيسر، ايڇ او ڊيز وارڊن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪرين کي جنسي حراسان ڪندا آهن. اهڙي ويڊيو رڪارڊ ڪري جاري ڪرڻ تان اسان تي دٻاءُ وجھي مرحوم نثار احمد صديقي جي پٽ جو نالو وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته جيڪڏهن يونيورسٽي جي وي سي سميت عملدارن تي منهنجا لڳايل الزام غلط آهن ته ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائي وڃي. مان پنهنجي پهرين ويڊيو بيان تي اڄ به قائم آهيان. ھن چيو  وائيس چانسلر نثار احمد صديقي کان پوءِ شاگردياڻين سان جنسي حراسمينٽ ۾ واڌ آءِ بي اي ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين کي امتحان پاس ڪرڻ لاءِ جنسي تعلقات رکڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو جيڪي شاگردياڻيون انڪار ڪن ٿيون انھن کي فيل ڪيو وڃي ٿو، يونيورسٽي ۾ ميرٽ نالي جي ڪابه شي ناھي گرلز ھاسٽل جي وارڊن، پروفيسر، ايچ او ڊيز سميت سيڪيورٽي گارڊ ۽ ٽرانسپورٽ جا ڪجھه ماڻھون ان ڪم ۾ ملوث آھن.

وارڊن زويا، ۽ وارڊن مريم ھاسٽل ۾ رھندڙ شاگردياڻين کي ٽارچر ڪن ٿيون، شاگردياڻي اپيل ڪندي چيو آھي ته آءِ بي اي ۾ پڙھندڙ ڇوڪرين جي عزت بچائي وڃي ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته الزام ھيٺ آيل ڌر ئي انڪوائري ڪئي آهي ڇو ته مونکي پھرين وڊيو بعد ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھاسٽل ۾ يرغمال بڻائي قيد ڪيو ويو موبائيل فون ۽ ليپ ٽاپ به مون کان کسي ورتا ايس ايس پي سکر عرفان سمون ليڊيز پوليس اھلڪارن جي موجودگي ۾ منھجي گھر ڀاتين کي اغوا ڪرائي ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏيئي زبردستي نثار صديقي جي پٽ جي نالي وڊيو رڪارڊنگ ڪرائي ھئي پر مان ھن وقت تائين پنھجي پھرين بيان تي قائم آھيان . وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه سميت انصاف ڏيندڙ ادارن کي اپيل ڪجي ٿي ته ظلم ۽ نا انصافي کي روڪڻ لاءِ ايف ائي اي کان جاچ ڪرائي وڃي مان ثبوتن سان گڏ بيان رڪارڊ ڪرائيندس ته جيئن آئي بي اي ۾ رھندڙ وحشي صفت انسانن جي اصليت ظاھر ٿي سگھي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ڪراچيءَ ۾ جعلسازي جو وڏو...

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر قائد ۾ گارڊن پوليس طرفان وڏي ڪارروائي ڪندي جعلي پاڪستاني ۽ غير ملڪي ڪرنسي، جعلي جوائننگ...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});