لاڙڪاڻو (الطاف ولي کهاوڙ) – ڳوٺ شاهو ٻوراهو جي رهواسي ۽ مسلم ليگ (ن) لاڙڪاڻو سٽي جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عطاءُ الله بروهي پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ جڳهه تي مبينا قبضي ۽ پوليس جي بيحسي خلاف ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.
عطاءُ الله بروهي پنهنجي پيرسن امڙ نور خاتون، ڀاءُ شڪيل، گهر واري فريده، ڀينرن آمنه ۽ فوزيه بروهي سان گڏ دانهيندي چيو ته سندس مرحوم والد قاضي فضل الله بروهي، جيڪو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو ملازم هو، اڍائي سال اڳ بيماري سبب فوت ٿيو. سندس نالي تي ڳوٺ شاهو ٻوراهو ۾ 4300 چورس فوٽ رهائشي جڳهه آهي، جتي هو پنهنجي ڀائرن ۽ ٻين گهر ڀاتين سان گڏ رهائش اختيار ڪري ويٺل آهي.
هن الزام لڳايو ته والد جي وفات بعد بااثر چاچي حبيب الله بلوچ، تعلقي باقراڻي واسي عمر بروهي ۽ سندس پٽن وقار ۽ اسد بروهي سان گڏجي گهر ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو ۽ 1500 چورس فوٽ ايراضي تي زبردستي قبضو ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته گذريل خميس تي اڻڄاتل هٿياربند پاڙي ۾ اچي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ته جڳهه جي مالڪي تان هٿ کڻجي.
عطاءُ الله بروهي ٻڌايو ته هن ايس ايس پي آفيس ۾ شڪايت ڪئي، پر بااثرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ پوليس سندن وانگار وهندي تدارڪ نه ڪيو. هن الزام لڳايو ته هاڻ بااثر ڌريون گهر ڀاتين کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيون آهن، جن مان جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو آهي.
اپيل:
عطاءُ الله بروهي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، قبضو ختم ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

