لاڙڪاڻو ( الطاف ولي کهاوڙ) — ثقافت کاتي سنڌ جي اهتمام هيٺ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ نامور ليکڪ علي روشن شيخ جي ترجمو ڪيل سنڌي اسٽيج ناٽڪ کي شاندار طريقي سان پيش ڪيو ويو، جنهن جي هدايتڪاري مشهور اداڪار عبدالهادي بگٽي ڪئي.
هن ناٽڪ ۾ لاڙڪاڻي جي نون ۽ سينيئر فنڪارن ڀرپور شرڪت ڪئي، جن پنهنجي فن، جذباتي اداڪاري ۽ پيشڪش سان نه صرف حاضرين کي متاثر ڪيو، پر سنڌي اسٽيج ڊرامي جي روايت کي نئين سر زنده ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.
تقريب ۾ شهر جي علمي، ادبي ۽ سماجي شخصيتن سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي. اسٽيج تي ثقافتي رنگن، روشنيءَ، ۽ فني مهارتن جو شاندار امتزاج ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو حاضرين لاءِ يادگار لمحو بڻجي ويو.
ناٽڪ دوران علي امجد ابڙو، رمشا شهزادي، ۽ لاريب سڄڻ پنهنجي شاندار اداڪاري سان ڏسندڙن جا دل موهي ورتا، جن کي تاليا ۽ داد سان ڀرپور ساراهيو ويو. ناٽڪ جي ڪاميابيءَ ۾ نوشاد باريجو پڻ معاون خاص طور اهم ڪردار ادا ڪيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندڙن ثقافت کاتي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهڙا پروگرام سنڌي ثقافت جي ترويج، فنڪارن جي حوصله افزائي، ۽ نوجوان نسل کي فني ميدان ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهن.
شهرين ۽ ساڃاهه وند ڌرين مطالبو ڪيو ته ثقافت کاتو اهڙن ثقافتي ۽ فني پروگرامن جو سلسلو جاري رکي، جيئن سنڌي ادب، فن ۽ ثقافت جي سڃاڻپ وڌيڪ مضبوط ٿئي.

