پاڪستان-سعودي عرب ويجهو اچڻ لڳا! شهباز شريف ۽ ولي عهد جي اهم ملاقات

HomeFeatured Newsپاڪستان-سعودي عرب ويجهو...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ هڪ خوشگوار ماحول ۾ اهم ملاقات ڪئي، جتي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات جو گڏيل پڌرنامو جلد جاري ٿيڻ جي اميد آهي. ان ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت ٻنهي ملڪن جي ڪابينا جا سينيئر ميمبر به شريڪ هئا.

ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ويچاريو ويو، جڏهن ته واپار، سيڙپڪاري ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي زور ڏنو ويو.

ان کان اڳ، وزيراعظم شهباز شريف، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي خاص دعوت تي “فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو” جي نائين عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني وفد سان گڏ رياض پهتو. ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي رياض جي نائب گورنر شهزادو محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير احمد فاروق پاران سندس آجيان ڪئي وئي.

وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ بلال بن ثاقب شامل هئا.

فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو ڪانفرنس ۾ دنيا جا اڳواڻ، سيڙپڪار، پاليسي ساز ۽ مختلف شعبن جا ماهر شرڪت ڪري رهيا آهن، جتي وزيراعظم پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. هو پائيدار واڌاري، اقتصادي شراڪت، جدت ۽ عالمي سياسي تبديليءَ بابت خيالن جو اظهار ڪندو.

دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان وڌيڪ ملاقاتون به ڪندو، جن ۾ واپار، توانائي، انساني وسيلن ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ٿينديون. عالمي ۽ علائقائي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.

وزيراعظم عالمي اڳواڻن ۽ بين الاقوامي ادارن جي سربراهن سان به ملاقاتون ڪندو، جتي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پائيدار ترقيءَ بابت امڪانن تي ڳالهيون ٿينديون.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ايران به پاڪستان-سعودي عرب دفاعي...

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسداران انقلاب جي ميجر جنرل ۽ ايران جي سپريم ليڊر جي صلاحڪار رحيم صفوي...

پاڪستان-سعودي عرب دفاعي معاهدي ۾...

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پاڪستان-سعودي عرب دفاعي معاهدو مسلم ملڪن ۾...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});