پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا اسيمبلي مان سينيٽ جي خالي نشست تي ٿيل چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار خرم ذيشان واضح اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويو. چونڊ ۾ خرم ذيشان جو مقابلو اپوزيشن جي اميدوار تاج محمد آفريدي سان هو.
اليڪشن ڪميشن جي نگراني هيٺ پولنگ صبح 9 وڳي کان شام 4 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي، جنهن دوران 136 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا. نتيجي موجب خرم ذيشان 91 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته تاج آفريدي کي 45 ووٽ مليا.
اپوزيشن جي چار ميمبرن ووٽ نه ڏنو، جن ۾ اڪرم دراني (جي يو آءِ)، ناديه شير (پي ٽي آءِ پارليمنٽرين)، علي هادي (ن ليگ) ۽ فرزانه شير (پيپلز پارٽي) شامل آهن.
پولنگ جي شروعات تي صرف 3 ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا، پر اليڪشن ڪميشن باضابطه پولنگ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پي ڪي 115 مان احسان الله خان پهريون ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ته اقليتي ميمبر گورپال سنگھ به ووٽ ڏنو.
ووت ڏيندڙ اهم شخصيتن ۾ وزيراعليٰ سهيل آفريدي، اسپيڪر بابر سليم سواتي، امجد علي، شفيع الله، اورنگزيب خان اورڪزئي، شير علي آفريدي، آفتاب عالم آفريدي، رياض خان، عبدالڪبير خان، عجب گل وزير ۽ سيد قاسم علي شاهه شامل هئا.
وزيراعليٰ ٽريفڪ جام سبب گاڏي مان لهي پيدل اسيمبلي پهتو، جتي هن سڪيورٽي اهلڪارن سان گڏ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ووٽ ڏيڻ کانپوءِ وزيراعليٰ راولپنڊي روانو ٿيو، جتي هن پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين سان ملاقات ڪئي.
اليڪشن جي انتظام لاءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سعيد گل کي ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته محمد فريد آفريدي، محمد نديم خان، سهيل احمد، فهد علي شاهه ۽ محمد امجد پولنگ آفيسر طور ذميواريون نڀايون.
خرم ذيشان جي ڪاميابي سان پي ٽي آءِ کي سينيٽ ۾ هڪ وڌيڪ سيٽ حاصل ٿي وئي، جيڪا پارٽي لاءِ اهم سياسي اڳڀرائي سمجهي پئي وڃي.

