سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف وارن جو پارٽي جي باغي ميمبرن تي حملو، ايوان جنگ جو ميدان بڻجي ويو

HomeFeatured Newsسنڌ اسيمبلي ۾...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف ميمبرن پنهنجي ئي پارٽي جي باغي ميمبرن تي حملو ڪري ڏنو.

سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ناراض ايم پي ايز کي مبينا کنڀڻ جي ڪوشش دوران  پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرز ۾ جهيڙو ٿي پيو، ايوان جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پي ٽي آءِ جا باغي ايم پي ايز شهريار شر، اسلم ابڙو ۽ ڪريم بخش گبول سنڌ اسيمبلي پهتا ته پ پ پاران آجيان ڪرڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرز ڪاوڙجي پيا ۽ کين مبينا طور کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي.

پيپلز پارٽي طرفان باغي ايم پي ايز کي بچائڻ جي ڪوشش دوران جهيڙو شروع ٿي پيو، جنهن دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز هڪٻئي کي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، ان دوران اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي باغي ميمبرن چيو ته تحريڪ انصاف قيادت ٻهراڙي سنڌ ۽ سينيئر اڳواڻن کي نظرانداز ڪيو، سينيئرن جي موجودگي ۾ فيصل واوڊا کي ٽڪيٽ ڇو ڏني وئي؟ اسان کي اغوا نه ڪيو ويو پر پنهنجي ضمير موجب ووٽ ڏينداسين. پي ٽي آءِ باغي ايم پي ايز اسلم ابڙو ۽ شهريار شر  چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرز باغي اڳواڻ ڪريم بخش گبول کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪريم بخش گبول اسان سان گڏ پي ٽي آءِ کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته اسلم ابڙو ۽ شهريار شر پيپلز پارٽي هٿان يرغمال بڻجڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اسان ٻار نه آهيون جو ڪير اسان کي اغوا ڪري وڃي، پي ٽي آءِ وارا ڊراما بند ڪن، اسان جو ضمير اجازت نٿو ڏئي ته پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيون، پارٽي ۾ آهيون ۽ رهنداسين.

هنن چيو آهي ته اسان اڍائي سال سنڌ جي گورنر اڳيان دانهيندا رهيا آهيون ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايو، اسان کي اميد هئي تبديلي ايندي پر نه آئي. هنن چيو آهي ته وزيراعظم کي سب دوکي ۾ رکي رهيا آهن، هتي ڪير به ليڊر نه آهي، اندروني سنڌ کي هنن نظر انداز ڪيو ويو آهي، اُتان جو ڪو به وزير نه آيو ۽ سينيئر اڳواڻن کي به نظر انداز ڪيو ويو.

سنڌ اسيمبلي جي جهيڙي بعد پي ٽي آءِ ميمبرز مبينا طور باغي ايم پي اي ڪريم بخش گبول کي مبينا طور کنڀي ويا. پي ٽي آءِ ميمبرز ايم پي اي ڪريم بخش گبول کي سنڌ اسيمبلي ٻاهران بيٺل ڪار ۾ ويهاري پاڻ سان گڏ وٺي ويا. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پهرين اسان سمجهيو ته ڪريم بخش گبول کي کنڀيو پيو وڃي، پر ڪريم بخش گبول ٻڌايو ته هو مرضي سان وڃي رهيو آهي، اُن کانپوءِ پيپلز پارٽي ميمبرز پوئتي هٽي ويا. صحافين سان

ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو آهي ته اغوا ۽ پيسن وارن الزامن ۾ ڪا به صداقت نه آهي، پي ٽي آءِ جا ٽئين ميمبرز پنهنجي مرضي سان آيا هئا ۽ پي ٽي آءِ قيادت سان ناراضگي جو اظهار ڪيو. هن چيو آهي ته پيپلز پارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي، سڀني ميمبرن کي حق آهي ته هو جنهن کي چاهين ووٽ ڏين. صوبائي وزير چيو آهي ته پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي ميمبرز به پنهنجي پارٽي کان ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، هر جڳهه تي هنن جا پنهنجا ماڻهو هن جي پاليسز کان تنگ آهن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

سنڌ اسيمبلي ۾ شهيد ذوالفقار...

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ جمعي جي روز پيپلز پارٽي جي 58هين يومِ تاسيس جي موقعي تي هڪ اهم...

سنڌ اسيمبلي ۾ پنجاب جي...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه ۽ ڊپٽي اسپيڪر اينٿوني نويد پنجاب اسيمبلي جي وفد...

سينيٽ سيٽ تي سخت مقابلو،...

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا اسيمبلي مان سينيٽ جي خالي نشست تي ٿيل چونڊ ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار خرم...

آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});