سنڌ اسيمبلي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير کي ڀيٽا پيش، آئيني تحفظ لاءِ قرارداد منظور

Homeاهم خبرسنڌ اسيمبلي ۾...

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ جمعي جي روز پيپلز پارٽي جي 58هين يومِ تاسيس جي موقعي تي هڪ اهم قرارداد گڏيل طور منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ 1973ع جي بحال ٿيل آئيني نظام، 18هين ترميم، صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي حصي تي ڪنهن به قسم جي سمجهوتي کي رد ڪندي سنڌ جي وحدت، سالميت ۽ حقن جي تحفظ جو عزم ڪيو ويو۔

قرارداد پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهوڙو پيش ڪئي، جنهن کي ايوان متفقه طور منظور ڪيو۔ قرارداد جي متن ۾ چيو ويو ته شهيد ڀٽو عوام کي “روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان” جو نعرو ڏئي ملڪ کي متفقه آئيني فريم ورڪ ڏنو، جنهن سان وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اختيارن جو توازن قائم ٿيو۔ شهيد بينظير ڀٽو به جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪيو۔

قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي منشور ۽ ورثي تي قائم آهي۔ آئيني 18هين ترميم، صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن جا حصا سنڌ جي عوام جي حقن ۽ اتحاد جي ضمانت آهن، جن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو۔

نثار کهوڙي خطاب ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو ون مين ون ووٽ ذريعي عوام کي طاقت جو سرچشمو ثابت ڪيو ۽ غريب ۽ وچولي طبقي کي مضبوط ڪيو۔ هن چيو ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي منفي سوچ کي 1970ع کان 2025ع تائين رد ڪيو ويو آهي ۽ رد ڪيو ويندو۔

اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزيرسيد قائم علي شاهه چيو ته ايوب خان جي آمريت ۾ عوام کي ڳالهائڻ جو حق نه هو، ان دور ۾ شهيد ڀٽو جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ملڪ کي 1973ع جو متفقه آئين ڏنو۔ اسيمبلي جي ميمبر امداد پتافي چيو ته جمهوريت لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون پيپلز پارٽي ڏنيون آهن، جڏهن ته خيرالنساء مغل چيو ته شهيد ڀٽو عوام کي آواز ڏنو ۽ پارٽي اڄ به ڀٽو ۽ بينظير جي منشور تي قائم آهي۔

قرارداد تي بحث کان پوءِ ايوان ان کي متفقه طور منظور ڪيو ۽ اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

سنڌ اسيمبلي ۾ پنجاب جي...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه ۽ ڊپٽي اسپيڪر اينٿوني نويد پنجاب اسيمبلي جي وفد...

آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ...

سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف ميمبرن پنهنجي ئي پارٽي جي باغي ميمبرن تي حملو ڪري ڏنو....

سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي بجيٽ اجلاس آن لائين ڪرائڻ لاءِ رولز ۾ مختلف ترميمون منظور ڪري ورتيون. اتفاق...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});