ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ڪترينا ڪيف هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي، جتي ممبئي جي اپارٽمينٽ جي بالڪوني مان ورتل ذاتي تصويرون وائرل ٿي ويون آهن، جن ۾ کيس ڍيلا لباس پاتل ڏسڻ ۾ آيو، جنهن سبب حمل بابت قياس آرائيون زور وٺي ويون آهن۔
تصويرن جي وائرل ٿيڻ تي سوشل ميڊيا صارفين پاران پرائيويسي جي ڀڃڪڙي تي سخت ردعمل ڏنو ويو، جتي ڪيترن ئي مداحن قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو۔ اداڪاره سوناڪشي سنها به ان عمل تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته “اهڙي حرڪت شرمناڪ آهي، ذميوار ماڻهن خلاف قدم کڻڻ گهرجي.”
ياد رهي ته ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار وڪي ڪوشل تازو ئي انسٽاگرام تي پوسٽ ذريعي مداحن کي خوشخبري ڏني هئي ته جلد سندن گهر ۾ ننڍڙو مهمان اچڻ وارو آهي۔

