ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رامسوامي ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب نوجوان جي موت کانپوءِ صورتحال ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي وئي، جتي آل پاڪستان ڊمپرز ايسوسيئيشن جي صدر لياقت محسود ۽ علائقي واسين وچ ۾ سخت جهيڙو ٿيو.
لياقت محسود جڏهن پنهنجي ساٿين سان واقعي واري هنڌ پهتو ته مقامي ماڻهن کيس گهيري ورتو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. ان دوران ايسوسيئيشن جي هٿياربند گارڊن هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب ماڻهن پاران گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ويو.
پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي، پر ان کان اڳ ئي ايسوسيئيشن جا اڳواڻ فرار ٿي ويا.
گورنر سنڌ جو نوٽيس
گورنر سنڌ، ڪامران خان ٽيسوري، واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي شهرين تي فائرنگ جي سخت مذمت ڪئي.
هن چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه آهي ۽ پوليس کي فوري ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها.
گورنر زور ڏنو ته اهڙن معاملن کي افهام و تفهيم سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، نه ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.

