لياقت محسود خلاف ڪيس داخل، سپر هاءِ وي بند ڪرڻ جو اعلان

Homeاهم خبرلياقت محسود خلاف...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گارڊن نشتر روڊ تي تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر سان نوجوان جي موت ۽ سندس زال جي زخمي ٿيڻ بعد ڊمپر ايسوسيئيشن جي صدر لياقت محسود خلاف ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته لياقت محسود رامسوامي ۾ مبينا فائرنگ خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي سپر هاءِ وي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

واقعي جي تفصيل موجب، سومر جي رات نشتر روڊ، رامسوامي رستم جي ڪمپائونڊ ڀرسان تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل سوار 23 ورهين جي نوجوان شاهزيب کي ٽڪر هنئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس زال 21 ورهين جي مصباح زخمي ٿي پئي. واقعي بعد مشتعل شهرين ڊمپر کي باهه ڏئي ڇڏي.

گارڊن ٿاڻي ۾ ٻھ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا. پهريون ڪيس شاهزيب جي والد محمد شاهد جي مدعيت ۾ گرفتار ڊمپر ڊرائيور نياز ولد افضل خان خلاف قتل بالسبب، غفلت ۽ لاپرواهي جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيو ڪيس سماجي ڪارڪن عبدالقادر جي مدعيت ۾ لياقت محسود، سندس گن مينن ۽ 20 کان 25 صورت شناس هٿياربند ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو.

عبدالقادر پنهنجي وڊيو بيان ۾ الزام لڳايو ته لياقت محسود هٿياربند ماڻهن سان گڏ علائقي ۾ داخل ٿيو ۽ هوائي فائرنگ ڪئي. هن چيو ته اسان ڪراچي جي نوجوانن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، ڪراچي اسان جو آهي، هتي جا ماڻهو اسان جا آهن. هن مطالبو ڪيو ته اهڙن واقعن تي شهر جي هر علائقي ۾ ڪيس داخل ڪيا وڃن.

ان موقعي تي موجود سياسي اڳواڻن به عوام کي اپيل ڪئي ته اهڙن سانحن تي خاموش نه ويهجن، پر اڳيان اچي قانوني ڪارروائي لاءِ آواز بلند ڪن.

ٻئي طرف، لياقت محسود رامسوامي ۾ مبينا فائرنگ ۽ ڪار کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي احتجاج طور منگل ڏينهن 2 وڳي سپر هاءِ وي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ترجمان ڊمپر ايسوسيئيشن موجب، لياقت محسود جي ڪار تي فائرنگ جا واضح نشان موجود آهن، پر ڪيس داخل نه ٿيو. ترجمان چيو ته واقعو شهر جي امن لاءِ خطرناڪ آهي، انتظاميه فوري نوٽيس وٺي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري، جڏهن ته حڪومت تنظيم جي صدر جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ڪراچي: رامسوامي ۾ ڊمپر حادثي...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رامسوامي ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب نوجوان جي موت کانپوءِ صورتحال ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي وئي،...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});