استنبول (ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي شهر استنبول ۾ اسلامي ۽ عرب ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس دوران پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، قطر، اردن، متحده عرب امارات ۽ انڊونيشيا سميت ڪيترن ئي ملڪن غزہ مان اسرائيلي فوج جي فوري واپسي جو مطالبو ڪيو ۽ فلسطيني عوام لاءِ انساني امداد جي فراهمي تي زور ڏنو.
شرڪت ڪندڙ ملڪن اسرائيل جي جنگبندي جي ڀڃڪڙي جي سخت مذمت ڪئي ۽ غزہ مان قابض فوج جي واپسي جو مطالبو ورجايو.
اجلاس ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار شرڪت ڪئي. دفتر خارجہ موجب، اجلاس ۾ پائيدار امن، غزہ جي ٻيهر تعمير ۽ فلسطيني عوام جي خودمختياري لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي.
پاڪستان پنهنجي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته فلسطين ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختار رياست قائم ٿيڻ گهرجي، جنهن جو گاديءَ جو هنڌ القدس الشريف هجي، ۽ جيڪا 1967 کان اڳ واري سرحدن مطابق هجي.
ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فيدان چيو ته فلسطيني عوام کي پنهنجن معاملن ۽ سيڪيورٽي تي مڪمل اختيار حاصل هجڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته حماس جي قيادت غزہ جو ڪنٽرول فلسطيني گڏيل ڪميٽي حوالي ڪرڻ تي رضامند آهي.
عالمي استحڪام فورس(آئي ايس ايف) جي قيام بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي، جيڪا جنگبندي جي نگراني ڪندي، پر ان جي منظوري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سان مشروط آهي. ترڪ پرڏيهي وزير خدشو ظاهر ڪيو ته آمريڪا طرفان ويٽو هن عمل ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو.
اسلامي ملڪن زور ڏنو ته غزہ جي بحالي ۾ مسلمان ملڪن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به نئين غير ملڪي ڪنٽرول يا سرپرستي واري نظام کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي.

