تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج غزه ڏانهن امدادي سامان کڻي ويندڙ عالمي صمود فلوٽيلا جي 450 کان وڌيڪ گرفتار ڪارڪنن کي يورپ ڊپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
فلوٽيلا جي قافلي ۾ اڳوڻو پاڪستاني سفير مشتاق احمد، سوئيڊن جي ماحولياتي ڪارڪن گريتا ٿنبرگ ۽ نيلسن منڊيلا جو پوٽو نڪوسي زويوطلليها به شامل هئا.
فلوٽيلا جي منتظمين موجب، قافلي ۾ شامل 42 ٻيڙين کي اسرائيلي بحريه تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته انهن ٻيڙين ۾ سوار 450 کان وڌيڪ سماجي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. صهيوني فوج انهن ٻيڙين جو مواصلاتي نظام ۽ وڊيو نشريات بند ڪري ڇڏيون.
تازين ڪاررواين ۾ اسرائيلي بحريه فلوٽيلا جي ٻيڙي “آلڪاتالا” کي به تحويل ۾ وٺي چڪي آهي. رپورٽن موجب، قبضي ۾ ورتل ٻيڙيون اشدود بندرگاهه تي پهچي ويون آهن، جتان سماجي ڪارڪنن کي يورپ واپس موڪليو ويندو.
فلوٽيلا جي ترجمانن جو چوڻ آهي ته قافلي ۾ شامل ٻيڙي “مرميٽ جي” اڃا منزل ڏانهن روان دوان آهي، جڏهن ته عرب صحافي حسن مسعود دعويٰ ڪئي آهي ته ٻيڙي “ميڪينو” غزه جي سامونڊي حدن ۾ داخل ٿي چڪي آهي.
عالمي فلوٽيلا تي فوجي حملي بابت اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي ضد برقرار آهي، هن حملي کي جائز قرار ڏيندي بحريه جي ڪارڪردگي تي شاباش ڏني.
ٻئي طرف، فلوٽيلا تي حملي خلاف يورپ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ احتجاجي مظاهرا جاري آهن. برطانيا، اٽلي، اسپين، فرانس، يونان، ڪولمبيا ۽ يمن ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، جتي ٽريفڪ بند ڪئي وئي ۽ ڪجهه هنڌن تي توڙ ڦوڙ به ٿي.
ياد رهي ته فلوٽيلا جو قافلو 31 آگسٽ تي اسپين مان روانو ٿيو هو، جنهن دوران مختلف ملڪن جون ٻيڙيون ان ۾ شامل ٿيندي رهيون. اسرائيلي بحريه قافلي کي فلسطيني سامونڊي حدن کان لڳ ڀڳ 70 ناٽيڪل ميل پري نشانو بڻايو.

