اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آمريڪي صدر جي 20 نڪاتي امن منصوبي کي رد ڪندي صمود فلوٽيلا تي حملي خلاف جمعي تي ملڪ گير مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي۔
جمعيت علماءِ اسلام جي طرفان جاري بيان موجب، مولانا فضل الرحمان چيو ته ٽرمپ جو 20 نڪاتي فارمولو ناقابل قبول آهي، ۽ فلسطيني عوام خلاف ڪنهن به ظالمانه قدم کي قبول نه ڪيو ويندو۔
هن چيو ته جمعي جي ڏينهن سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن تي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ اسرائيلي ڪارروائين خلاف مظاهرا ڪيا ويندا۔
مولانا فضل الرحمان چيو ته مظاهرن دوران صمود فلوٽيلا تي حملي خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو۔
جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ عبدالغفور حيدري چيو ته علما جمعي جي خطبن ۾ ٽرمپ جي بدنام زمانه نڪات خلاف قراردادون پاس ڪرائين، ۽ عوام مظاهرن ۾ شرڪت ڪري پنهنجي ديني غيرت ۽ حميت جو ثبوت ڏين۔

