اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن بنگلاديش جي دوري تي روانه ٿي ويا آهن، جتي هو مختلف مذهبي، اصلاحِي ۽ روحاني تقريبن کي خطاب ڪندا.
پارٽي جي ترجمان اسلم غوري موجب، مولانا فضل الرحمٰن عالمي تحفظ ختم نبوت ڪانفرنس ۾ مهمانِ خاص طور شرڪت ڪندا، جڏهن ته بنگلاديش جي مختلف شهرن، جن ۾ ڍاڪا ۽ سلهٽ شامل آهن، اتي پڻ سندن اعزاز ۾ تقريبون منعقد ٿينديون.
دوري دوران مولانا فضل الرحمٰن بنگلاديش جي مختلف ديني مدرسن جي سالياني اجتماع ۾ به شرڪت ڪندا، جتي هو ديني تعليم، اتحادِ امت ۽ موجوده حالتن تي روشني وجهندا.
مولانا فضل الرحمٰن سان گڏ وفد ۾ مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا اسعد محمود، مولانا سعيد يوسف، مفتی ابرار احمد ۽ ٻيا اهم اڳواڻ به شامل آهن، جيڪي پڻ مختلف تقريبن ۾ شرڪت ڪندا.
پارٽي ترجمان موجب، هي دورو ٻنهي ملڪن جي ديني هم آهنگي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

