بلو اڪانومي پاڪستان جي ترقي لاءِ نوان دروازا کولڻ جي سگهه رکي ٿي: ناڻي وارو وزير

Homeاهم خبربلو اڪانومي پاڪستان...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي بلو اڪانومي ملڪ جي اقتصادي ترقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿي سگهي ٿي، جيڪا نون موقعن جا دروازا کولڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

هن پاڪستان انٽرنيشنل ميرٽائم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ ورچوئل خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پاليسين جي تسلسل، سيڙپڪاري جي واڌاري ۽ پائيدار بحري ترقي لاءِ پرعزم آهي، جنهن سان 2047 تائين هن شعبي کي 100 ارب ڊالر جي معيشت ۾ تبديل ڪرڻ جو هدف حاصل ڪري سگهجي ٿو.

محمد اورنگزيب ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن دوران پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام آيو آهي، زرمبادله جا ذخيرا 14.5 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن، مهانگائي سنگل ڊيجيٽ ۾ اچي وئي آهي ۽ روپئي جي قدر مستحڪم آهي. پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ۽ عالمي ريٽنگ ايجنسين طرفان پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم قرار ڏيڻ عالمي اعتماد جو مظاهرو آهي. آءِ ايم ايف سان تازو اسٽاف ليول معاهدو به حڪومت جي پاليسين تي عالمي ادارن جي اعتماد جي علامت آهي.

هن چيو ته پاڪستان هاڻي اهڙي مرحلي تي آهي جتي چين، آمريڪا، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جهڙن روايتي اتحادي ملڪن سان واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ عملي سهڪار وڌائي سگهجي ٿو.

ناڻي واري وزير ٻڌايو ته هن وقت سامونڊي معيشت جو ملڪ جي جي ڊي پي ۾ حصو صرف 0.4 کان 0.5 سيڪڙو آهي، جيڪو تقريباً هڪ ارب ڊالر جي برابر آهي، پر ان ۾ بي پناهه امڪان موجود آهن. 2047 تائين ان شعبي کي 100 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ جو هدف حقيقت پسندانه ۽ حاصل ڪرڻ جوڳو آهي.

هن چيو ته حڪومت ماهيگيري ۽ آبي زراعت جي شعبي ۾ ويليو ايڊڊ پراسيسنگ، ڪولڊ چين انفرااسٽرڪچر ۽ عالمي معيار جي حفظان صحت جي شرطن کي فروغ ڏئي رهي آهي ته جيئن سامونڊي خوراڪ جي برآمدات موجوده 50 ڪروڙ ڊالر مان وڌائي ايندڙ ڪجهه سالن ۾ 2 ارب ڊالر تائين پهچائي سگهجن.

محمد اورنگزيب يقين ڏياريو ته حڪومت پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائيندي ته جيئن ڊگهي مدي وارا منصوبا بنا رڪاوٽ اڳتي وڌن. هن ڪراچي، قاسم ۽ گوادر بندرگاهن جي جديد اپگريڊيشن، ڊجيٽلائيزيشن، قابل تجديد توانائي جهڙوڪ ٽائيڊل ۽ آف شور ونڊ انرجي، ۽ “بلو بانڊز” جهڙن جديد مالي ذريعن تي زور ڏنو.

ناڻي واري وزير چيو ته ميرٽائم بائيو ٽيڪنالاجي ۽ علائقائي سهڪار پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. بلو اڪانومي، مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل انفرااسٽرڪچر ۽ معدنيات جهڙا ابھرتا شعبا ملڪ جي ترقي لاءِ نوان محرڪ بڻجي سگهن ٿا.

آخر ۾ وزير خزانه ڪانفرنس جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هن ڪانفرنس مان سامهون ايندڙ تجويزون پاڪستان جي بحري ۽ اقتصادي ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿينديون. هن پاڪستان نيوي، وزارت بحري امور ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميرٽائم افيئرز کي عالمي معيار جي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ساراهه پيش ڪئي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب عالمي مالياتي ادارن جي سالياني اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ ڇهن...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});