نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) نيويارڪ سٽي جي ميئر چونڊجي آيل زهران ممداني پنهنجي پهرين خطاب ۾ اعلان ڪيو آهي ته نيويارڪ مان موروثي سياست جو خاتمو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ اقتدار عوام جي هٿ ۾ آهي. هو 1 جنوري تي ميئر جي عهدي جو حلف کڻندو.
زهران ممداني چيو ته نيويارڪ جي محنت ڪش، تارڪين وطن ۽ هيٺين طبقي جي ماڻهن تاريخي فتح حاصل ڪئي، جن کي اڳ اقتدار کان پري رکيو ويو هو. هن زور ڏنو ته هاڻ عام شهرين کي به پاليسين جي فيصلي ۾ شامل ڪيو ويندو.
هن خطاب دوران ممداني چيو، “اسان موروثي سياست کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کان مان اينڊريو ڪوومو جو نالو نه وٺندس.”
ميئر چونڊجي آيل ممداني واعدو ڪيو ته هو اهڙو نيويارڪ ٺاهيندو جتي زندگي جا خرچ قابو ۾ هجن، تعليم ۽ صحت سڀني لاءِ دستياب هجي، ۽ عوام جي مسئلن لاءِ سنجيده حڪومت هجي. هن چيو ته نيويارڪ کي اهڙو شهر بڻايو ويندو، جيڪو سڄي آمريڪا لاءِ مثال بڻجي.
ممداني پنهنجي خطاب ۾ مختلف ڪميونٽيز جو خاص طور شڪريو ادا ڪيو، جن ۾ يمني دڪاندار، افريقي ڄاوا ٽيڪسي ڊرائيور ۽ ڏکڻ ايشيائي تارڪين وطن شامل هئا. هن چيو، “هي فتح ان وقت جنم وٺي ٿي، جڏهن سياست عوام سان سچائي ۽ عزت سان ڳالهائيندي آهي.”
هن صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مخاطب ڪندي چيو، “ڊونلڊ ٽرمپ، مان ڄاڻان ٿو تون ڏسي رهيو آهين، تنهنڪري آواز اونچو ڪر!” جنهن تي ميڙ ۾ جوش ڀريا نعرا لڳا.
زهران ممداني جو عزم آهي ته نيويارڪ کي اهڙو شهر بڻايو وڃي، جتي مسلمان، يهودي، تارڪين وطن ۽ سڀني ڪميونٽيز جا حق محفوظ هجن، ۽ بدعنوان مالڪن ۽ ٽيڪس چور بااثر طبقي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

