ستاويهين آئيني ترميم تي سياسي مشاورتون تيز، وزيراعظم سان اتحادي جماعتن جا وفد سرگرم

HomeFeatured Newsستاويهين آئيني ترميم...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ستاويهين آئيني ترميم تي اتفاق راءِ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف سان اتحادي جماعتن جا وفد مشاورتي ملاقاتون ڪري رهيا آهن، جتي بلدياتي ادارن جي بااختياري، عدالتي ڍانچي ۾ تبديليون ۽ صوبائي نمائندگي جا اهم نڪات زِيرِ غور آيا.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد، جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪئي، وزيراعظم سان ملاقات دوران مطالبو ڪيو ته ترميمي بل ۾ بلدياتي حڪومتن کي مالي ۽ انتظامي اختيار ڏيڻ بابت شِقون شامل ڪيون وڃن، وفد ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري، صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر شامل هئا.

پيپلز پارٽيءَ جي وفد به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مرتضىٰ وهاب، عِرفان قادر، راجا پرويز اشرف، نويد قَمر ۽ شيري رحمان شامل هئا. ملاقات بعد وفد نور خان ايئربيس روانو ٿيو، جتان هو ڪراچي ۾ ٿيندڙ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان ۽ عَون چوڌري به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جتي ترميمي بل تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اسپيڪر اياز صادق، خواجه آصف، اعظم نذير تارڙ، احد چيمه، عطا تارڙ، طارق فضل چوڌري ۽ رانا ثناءُ الله به موجود هئا.

مسلم ليگ قاف جي وفد، جنهن جي اڳواڻي وفاقي وزير سالڪ حسين ڪئي، به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينيٽر كامل علي آغا، چوڌري محمد الياس ۽ فرخ خان شامل هئا، جن ترميمي بل تي پنهنجا خيال پيش ڪيا.

بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد، خالد مگسي جي اڳواڻيءَ ۾، وزيراعظم سان ملاقات دوران بلوچستان جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن بابت به ڳالهيون ڪيون. وفد ۾ سينيٽر عبدالقادر، منظور ڪاڪڙ، ثمينه ممتاز ۽ دينش ڪمار شامل هئا.

ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف سڀني اتحادي جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي رهيو آهي، ۽ 27هين آئيني ترميم کي 14 نومبر تي قومي اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ جو ارادو آهي. ان سلسلي ۾ سڀني وفاقي وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا غير ملڪي دورا منسوخ ڪيا ويا آهن.

واضح رهي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي سڀني پارلياماني اڳواڻن سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته اجلاس جي ايجنڊا ۽ شيڊول جي منظوري به ڏني وئي آهي. اَلبتا، تحريڪ انصاف جي پارلياماني اڳواڻن اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

جي يو آءِ پاران ايم...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) مقامي حڪومتن کي آئيني تحفظ ڏيڻ بابت ايم ڪيو ايم...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});