اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ ايندڙ ٽن مهينن لاءِ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جتي نيپرا ۾ ڊسڪوز ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان ٻڌڻي ٿي.
وفاقي حڪومت پاران بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 45 پئسا واڌ جي درخواست ڏني وئي آهي، جنهن تي نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي سربراهيءَ ۾ ٻڌڻي ڪئي وئي. ڊسڪوز ڪمپنين طرفان 8 ارب 41 ڪروڙ رپين جي ايڊجسٽمينٽ جو مطالبو پيش ڪيو ويو.
ٻئي طرف، صارفين جو چوڻ آهي ته وزيراعظم تازو ئي بجلي جي قيمت 7 رپيا 41 پئسا گهٽ ڪئي هئي، جڏهن ته گردشي قرض ۾ واڌ جاري آهي. زرعي ۽ صنعتي صارفين لاءِ اعلان ٿيل پيڪيج بابت به سوال اٿيا، ته ڇا اهو پيڪيج پهرين نومبر کان لاڳو ٿيندو؟
نيپرا جي ميمبر رفيق شيخ جو چوڻ هو ته موجوده پاور سيڪٽر جي ڍانچي سان گردشي قرض ختم ٿيڻ مشڪل آهي. صنعتي صارفين موجب، انڊسٽري اڳ ئي 3 رپيا 23 پئسا سرچارج ادا ڪري رهي آهي، هاڻي نئين قرضن تي به سرچارج لڳڻ جو امڪان آهي.
نيپرا ميمبرن خبردار ڪيو ته جيستائين ڊسڪوز جي نقصان، چوري ۽ ريڪوري جي صورتحال بهتر نه ٿيندي، گردشي قرض وڌندو رهندو. پاور ڊويزن طرفان ٻڌايو ويو ته گهٽ ريڪوري ۽ اضافي نقصان سبب مالي بوجھ وڌيو آهي.
نيپرا ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي، هاڻي اٿارٽي اعداد و شمار جو جائزو وٺي وفاقي حڪومت کي حتمي فيصلو موڪليندي.

