راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سر چارلس رولينڊ ونسنٽ واڪر، جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي هن پاڪستان جي فوجي سربراهه فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جا معاملا، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار وڌائڻ بابت تفصيلي ڳالهيون ٿيون. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششن جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
دوري تي آيل معزز مهمان جنرل چارلس واڪر، پاڪستان جي فوج جي دهشتگردي خلاف جدوجهد، قربانين ۽ ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي، ۽ خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.
دوري جي شروعات تي جنرل واڪر، يادگارِ شهيد تي گلن جي چادر چاڙهي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. بعد ۾، جي ايڇ ڪيو ۾ پاڪ فوج جي چاق چوبند دستي طرفان مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

