راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) جي ايڇ ڪيو ۾ چيـف آف ڊيـفنس فورسز جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر جي پروقار تقريب جاري آهي، جنهن ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشانِ امتياز (ملٽري)، هلالِ جرات، چيـف آف آرمي اسٽاف ۽ چيـف آف ڊيـفنس فورسز کي ٽنهي هٿياربند فوجن جي دستن طرفان شاندار گارڊ آف آنر پيش ڪيو پيو وڃي.
هي تقريب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي پاڪستان جي پهرين چيـف آف ڊيـفنس فورسز طور مقرر ٿيڻ جي موقعي تي سندن اعزاز ۾ منعقد ڪئي وئي آهي. تقريب ۾ چيـف آف نيول اسٽاف، چيـف آف ايئر اسٽاف ۽ اعليٰ عسڪري آفيسر پڻ شرڪت ڪري رهيا آهن.
اعزازي دستو مهمانِ خصوصي کي جنرل سلامي پيش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فيلڊ مارشل عاصم منير اعزازي دستي جو باقاعده معائنو به ڪندا.

