اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊيفنس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان کي روايتي ۽ غير روايتي چيلنجز سان گڏوگڏ سائبر، انٽيليجنس، معاشي ۽ معلوماتي محاذن تي به پيچيده خطرا آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي طاقت جي سڀني عنصرن ۾ هڪجهڙائي ۽ تياري لازمي آهي.
آءِ ايس پي آر جي بيان موجب فيلڊ مارشل عاصم منير نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي اسلام آباد جو دورو ڪيو، جتي قومي سلامتي ۽ جنگي ڪورس ۾ شامل سول ۽ عسڪري شرڪت ڪندڙن پاران قومي سلامتي جي چيلنجز تي تفصيلي تجزيو پيش ڪيو ويو.
فيلڊ مارشل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دشمن سڌي ڇڪتاڻ بدران بلاواسطه ۽ مبهم حربا استعمال ڪري رهيو آهي، جن ۾ پراڪسيز ذريعي اندروني ڪمزورين جو استحصال به شامل آهي. هن زور ڏنو ته مستقبل جا اڳواڻ اهڙي گهڻ رخي صورتحال کي وقت تي سڃاڻڻ، اڳڪٿي ڪرڻ ۽ مؤثر تدارڪ جي صلاحيت سان ليس هجن.
هن وڌيڪ چيو ته غير يقيني حالتن ۾ واضح فيصلو ڪرڻ، فڪري مضبوطي ۽ ذهني استقامت ئي مؤثر قيادت جا اهم اوصاف آهن. فیلڊ مارشل اين ڊي يو جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته هي ادارو سخت پيشه ورانه تربيت ۽ علمي بصيرت کي پاليسي سازي ۽ عملي نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
فيلڊ مارشل عاصم منير شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته هو ديانت، نظم و ضبط ۽ بي لوث خدمت جي قدرن کي برقرار رکندي هميشه هوشيار ۽ ثابت قدم رهن.
ان کان اڳ ۾، اين ڊي يو پهچڻ تي صدر نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي فيلڊ مارشل جو زبردست استقبال ڪيو.

