اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيـف آف دي آرمي اسٽاف ۽ چيـف آف ڊيـفنس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت ڪنهن به غلط فهمي يا خود فريبي جو شڪار نه رهي، ڇو ته ايندڙ ڀيري پاڪستان جو جواب اڳ کان به وڌيڪ تي ۽ شديد هوندو.
هٿياربند فوج جي آفيسرن سان خطاب ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته نئين قائم ڪيل ڊيـفنس فورسز هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيندڙ بنيادي تبديلي تاريخي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته بدلجندڙ خطري جي ماحول ۾ ضروري آهي ته ٽئين فوجون گڏيل نظام تحت ملٽي ڊومين آپريشنز کي وڌيڪ مضبوط بڻائن.
فيلڊ مارشل موجب ڊيـفنس فورسز هيڊڪوارٽرز جو قيام هڪ اهم قدم آهي، جڏهن ته هر سروس پنهنجي آپريشنل تياري ۽ انفراديت برقرار رکندي. نئون هيڊڪوارٽر ٽنهي فوجن جي آپريشنز کي وڌيڪ مربوط ۽ هم آهنگ ڪندو.
آرمي چيف چيو ته مٿين ڪمانڊ جي مڪمل يڪجهتي سان گڏ ٽنهي فوجن پنهنجو اندروني تنظيمي ڍانچو ۽ خودمختياري برقرار رکنديون.
طالبان رجيم بابت ڳالهائيندي چيـف آف ڊيـفنس فورسز واضح ڪيو ته انهن کي صاف پيغام ڏنو ويو آهي ته انهن وٽ صرف ٻه آپشن آهن – يا ته فتنه الخوارج سان گڏ بيهن يا پاڪستان سان، ٻيو ڪو رستو موجود ناهي.
فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، پر ڪنهن کي به ملڪ جي خودمختياري، سلامتي يا قومي عزم کي آزمان جي اجازت نه ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سڀني کي ڄاڻڻ گهرجي ته پاڪستان جو تصور ناقابلِ تسخير آهي، ۽ ان جي حفاظت بهادر جوانن جي ايمان، قربانين ۽ قوم جي اتحاد سان يقيني بڻائي وئي آهي.
آخر ۾ چيـف آف ڊيـفنس فورسز جذباتي انداز ۾ چيو: “پاڪستان هميشه زنده باد.”

