راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي مان جاري بيان موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ليبيا جي سرڪاري دوري دوران ليبيائي فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل خليفه بلقاسم حفتر سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي دفاعي لاڳاپن ۽ علائقائي سلامتي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي۔
آءِ ايس پي آر موجب ليبيا پهچڻ تي فيلڊ مارشل عاصم منير کي ليبيائي هٿياربند فوج جي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ عسڪري قيادت جي گڏيل ملاقات ٿي۔ ملاقات ۾ ليبيائي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر پڻ موجود هو۔
ڳالهه ٻولهه دوران علائقائي سيڪيورٽي صورتحال، خطي جا چيلينج، ۽ ٻنهي ملڪن جي دفاعي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو ويو۔ ٻنهي پاسن تربيت، صلاحيت ۾ اضافي ۽ دهشتگردي خلاف گڏيل تعاون کي اهم قرار ڏنو۔
فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان ۽ ليبيا جي دفاعي لاڳاپن کي گڏيل مفادن جي بنياد تي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي، جڏهن ته فيلڊ مارشل خليفه حفتر پاڪستاني فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي دفاعي تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو۔
دوري کي ٻنهي ملڪن جي مستقبل جي عسڪري ڀائيواري لاءِ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي۔

