ذاتي ۽ مفاداتي سياسي ايجنڊن کي رد ڪرڻ لازمي آهي: فيلڊ مارشل عاصم منير جو واضح پيغام

HomeFeatured Newsذاتي ۽ مفاداتي...

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) چيـف آف ڊيـفنس فورسز فـيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ذاتي ۽ مفاداتي سياسي ايجنڊن کي رد ڪرڻ ضروري آهي، جڏهن ته منفي پروپيگنڊا جي خاتمي ۾ سول سوسائٽي جو ڪردار انتهائي اهم آهي۔

آءِ ايس پي آر جي بيان موجب فـيلڊ مارشل عاصم منير جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ بلوچستان بابت 18هين نيشنل ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي ۽ تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو۔ هن ورڪشاپ ۾ بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ پاڪستان لاءِ ان جي تزويراتي اهميت تي بحث ڪيو ويو۔

فيلڊ مارشل بلوچستان جي عوام جي حب الوطني ۽ ثابت قدمي کي ساراهيندي چيو ته صوبو پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو۔ هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وسيع تر قدمن جي واکاڻ ڪندي عوامي فلاح تي ٻڌل پاليسين تي زور ڏنو، جن جو مقصد صوبائي معاشي امڪانن کي بروءِ ڪار آڻڻ ۽ سماجي حالتن کي بهتر بڻائڻ آهي۔

فيلڊ مارشل عاصم منير سول سوسائٽي جي تعميري ڪردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته منفي پروپيگنڊا کي روڪڻ ۾ انهن جون ڪوششون اهم آهن۔ هن زور ڏنو ته پائيدار ترقي لاءِ ذميوار رويي ۽ قومي مفاد کي اوليت ڏيڻ لازمي آهي، جڏهن ته ذاتي ۽ مفاداتي سياسي ايجنڊن کي رد ڪرڻ ئي ملڪ جي استحڪام جو رستو آهي۔

فيلڊ مارشل چيو ته بلوچستان جو مستقبل ان جي رهواسين جي ڊگهي مدي واري خوشحالي سان جڙيل آهي۔ هن خبردار ڪيو ته ڀارت جي حمايت يافته پراڪسي عناصر صوبو ۾ تشدد کي هوا ڏئي رهيا آهن ۽ ترقي جي عمل کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر سيڪيورٽي فورسز انهن مذموم عزمن کي ناڪام بڻائينديون ۽ بلوچستان کي دهشتگردي ۽ بدامني کان پاڪ ڪيو ويندو۔

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهي ۽ ملڪ جي سالميت جي ڪنهن به قسم جي خلاف ورزي، سڌي يا اڻ سڌي، جو سخت ۽ فيصلو ڪن جواب ڏنو ويندو۔

فيلڊ مارشل عاصم منير واضح ڪيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهن۔

اجلاس جي آخر ۾ سوال جواب جو سيشن به ٿيو، جنهن ۾ فـيلڊ مارشل شرڪائن جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ بلوچستان جي ترقي ۽ سيڪيورٽي بابت جاري قدمن تي وڌيڪ روشني وڌي۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

جي ايڇ ڪيو ۾ اعزازي...

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) جي ايڇ ڪيو ۾ چيـف آف ڊيـفنس فورسز جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر جي پروقار تقريب...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});