ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مڪراني ڪوسٽل هاءِ وي تي ڪنڊ ملير نلي اُترايي جي ويجهو ايل پي جي سان ڀريل ٽرڪ ۽ مسافر ڪوچ ۾ زوردار ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ کي باهه لڳي وئي ۽ 7 مسافر جيئرا سڙي فوت ٿي ويا.
حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون. مقامي ماڻهن جي وڏي انگ به مدد لاءِ موجود هو. باهه جا شعلا ايترا شديد هئا جو پري پري کان ڏسڻ ۾ آيا.
امدادي ٽيمون فوت ٿيلن جا لاش سراب گوٺ جي ايدهي سردخاني منتقل ڪري ڇڏيا، جڏهن ته پوليس حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. حادثي سبب علائقي ۾ ڏک ۽ خوف جي لهر ڇانيل آهي.

