اسٽاڪ هوم (ويب ڊيسڪ) سوئيڊن جي گاديءَ واري هنڌ اسٽاڪ هوم ۾ هڪ المناڪ حادثي دوران بس اسٽاپ تي بيٺل ماڻهن کي بس ڀيچاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا. غير ملڪي خبر ايجنسي موجب حادثو شهر جي مرڪزي علائقي ۾ پيش آيو، جتي بس اسٽاپ سان ٽڪرائڻ کان پوءِ ڪيترائي فوت ٿي ويا، پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ته واقعو هو حادثو يا حملو.
اسٽاڪ هوم ريسڪيو سروس جي ترجمان ٻڌايو ته حادثي ۾ 6 ماڻهو نشانو بڻيا، جڏهن ته بس ۾ ڪو به مسافر سوار نه هو. پوليس ترجمان موجب بس ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پر اڃا تائين حملو ٿيڻ جي ڪا نشاندهي ناهي ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته اهڙن واقعن ۾ ڊرائيور جي گرفتاري معمول جي ڳالهه آهي، جڏهن ته تفتيش جاري آهي ته فوتگيون غير ارادي طور ٿيون يا ڪنهن رٿابندي تحت.
پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ تي موجود آهن، جڏهن ته هلاڪ ۽ زخمي ماڻهن جي عمر ۽ تعداد بابت اڃا تائين ڪا تفصيل نه ڏني وئي آهي. پوليس موجب حادثو رائل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي ويجهو پيش آيو.
سوئيڊن جي وزيراعظم اولف ڪرسٽيرسون سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته حادثي جي اصل سبب بابت اڃا ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، پر هن وقت سڄي قوم جون همدرديون متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۽ سندن خاندانن سان آهن.

