ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي تڪراري اداڪاره راکي ساونت هڪ نئين دعويٰ ڪندي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سندس حقيقي والد آهن۔
راکي موجب، سندس والده جي وفات کان اڳ ڇڏي ويل خط ۾ لکيل هو ته تنهنجو اصل والد ڊونلڊ ٽرمپ آهي۔
اداڪاره جو چوڻ آهي ته هن کي به اها ڳالهه والده جي وفات کان پوءِ ئي معلوم ٿي۔
راکي ساونت اڳ به اسلام قبول ڪرڻ، نالو تبديل ڪرڻ ۽ عمره ادا ڪرڻ جا دعويٰ ڪري چڪي آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي هن جي نئين بيان تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي۔
صارفين هن دعويٰ کي صرف شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏئي رهيا آهن۔

