واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تھ قطر امريڪا جو ويجھوا تحادي آھي ۽ انھيءَ حوالي سان اسرائيل کي گھڻو محتاط رويو اختيار ڪرڻو پوندو.
امريڪي صدر صحافين صحافين سان ڳالھين دوران قطر کي بھترين اتحادي قرار ڏنو ۽ چيو تھ قطر سان امريڪا جا خاص لاڳاپا آھن، جڏھن تھ قطر جي امير کي ھن عظيم اڳواڻ قرار ڏنو آھي.
ھڪ صحافي ٽرمپ کان سوال ڪيو تھ قطر تي اسرائيلي حملن بابت ھو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو کي ڪھڙو پيغام ڏيڻ چاھي ٿو؟ جنھن تي ھن چيو تھ اسرائيل کي محتاط رھڻ گھرجي، کين حماس خلاف ضرور ڪرڻ گھرجن پر قطر امريڪا جو اھم اتحادي آھي جنھن کي اڪثر ماڻھو نظرانداز ڪن ٿا.
ٻئي پاسي ٽرمپ روس تي پابندين جي حوالي سان چيو تھ امريڪا روس خلاف وڌيڪ قدم کڻڻ لاءِ تيار آھي ۽ يورپ کي بھ انھيءَ پاليسي تي عمل ڪرڻو پوندو. ھن جو چوڻ ھو تھ يورپي ملڪ روس کان وڏي تعداد ۾ تيل خريد ڪري رھيا آھن جڏھن تھ امريڪا نٿو چاھي تھ يورپ روسي تيل تي ڀاڙي.
ٽرمپ اھو بھ چيو تھ ڀارت تي بھ روس کان تيل جي خريداري جي معاملي تي ڳرو ٽيرف لڳي چڪو آھي.

