اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري واضح ڪيو آهي ته پارٽي 18هين آئيني ترميم کي رول بيڪ ٿيڻ نه ڏيندي ۽ صوبن جي اختيارن جي واپسي جي ڪنهن به تجويز جي حمايت نه ڪندي۔
پنهنجي بيان ۾ شازيه مري چيو ته پيپلز پارٽي صوبن کي مضبوط ڏسڻ چاهي ٿي، ۽ اهڙي ڪنهن به ترميم جي حمايت نه ڪندي، جيڪا صوبائي خودمختياري کي متاثر ڪري۔
هن چيو ته جيڪڏهن آئيني ترميم ۾ اهڙي ڪا شق شامل هجي، جيڪا نظام ۾ بهتري آڻي سگهي ته ان تي غور ڪري سگهجي ٿو، پر صوبن جي اختيارن جي واپسي ناقابل قبول آهي۔
شازيه مري وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي پيپلز پارٽي جو موقف واضع آهي ۽ ان کان پوئتي نه هلبو، جيڪڏهن حڪومت حمايت چاهي ٿي ته اهڙين تجويزن کان پاسو ڪرڻو پوندو، جن سان صوبن جي خودمختياري متاثر ٿئي۔

