ارڙهين ترميم ڊهڪوسلو ثابت ٿي، فعال مڪاني حڪومتن جو نظام ضروري آهي: خواجه آصف

Homeاهم خبرارڙهين ترميم ڊهڪوسلو...

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته حقيقت ۾ 18هين ترميم ڊھڪوسلو ثابت ٿي آهي. هن زور ڏنو ته 25 ڪروڙ عوام کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ملڪ جي وڏن شهرن لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ فعال مڪاني حڪومتن جو نظام قائم ڪرڻ لازمي آهي. 

ڪراچي گل پلازه جي باهه ۽ روزانو ٿيندڙ حادثن بابت بحث ۾ حصو وٺندي خواجه آصف چيو ته اهڙن واقعن مان انساني جانين جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪراچي جو انتظام سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي. هن چيو ته عوام کي بااختيار ڪرڻ لاءِ مڪاني حڪومتن جو نظام آڻڻ ضروري آهي، ڇو ته جڏهن تائين گلي محلي ۾ نمائندگي نه هوندي، تڏهن تائين فائر بريگيڊ ۽ ٻين مسئلن جو حل ممڪن نه ٿيندو.

بچاءُ واري وزير ٻڌايو ته 28هين ترميم ۾ مڪاني حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ جو موثر سسٽم تجويز ڪيو ويو هو، پر اتفاق راءِ باوجود ان تي عمل نه ٿي سگهيو ۽ ترميم واپس وٺڻي پئي. هن چيو ته نصاب ذريعي قومي سڃاڻپ سان گڏ صوبائيت کي به نئين نسل تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر اها ترميم به ڊراپ ٿي وئي.

خواجه آصف وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ايوب خان، ضياء الحق ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ به مڪاني حڪومتن جو نظام موجود رهيو ۽ باقاعده چونڊون ٿينديون رهيون. هن تنقيد ڪندي چيو ته موجوده دور ۾ نه چونڊون ڪرايون وڃن ٿيون ۽ جيڪڏهن شيڊول اچي به وڃي ته صوبائي حڪومتون اختيارتن جي هيٺين سطح تي منتقلي جي مخالفت ڪن ٿيون.

هن مثال ڏيندي چيو ته چين جي صدر شي مڪاني حڪومتن مان اڳتي وڌي حڪومتي سطح تي پهتو، جڏهن ته ترڪي ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ به فعال مڪاني حڪومتن جو نظام موجود آهي. بچاءُ واري وزير تجويز ڏني ته آئين ۾ ترميم ڪري هڪجهڙو نصاب ۽ فعال مڪاني حڪومتن جو نظام آڻڻ گهرجي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ارڙهين ترميم ۾ بهتري جي...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثنا الله چيو آهي ته ارڙهين ترميم اتفاقِ راءِ...

خواجه آصف 18هين ترميم کي...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ سيد نويد قمر قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ نڪته...

ارڙهين ترميم جو دفاع ڪنداسين:...

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات شازيه مري واضح ڪيو آهي ته پارٽي 18هين آئيني ترميم کي...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});