اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثنا الله چيو آهي ته ارڙهين ترميم اتفاقِ راءِ سان منظور ٿي هئي ۽ ساڳئي اتفاقِ راءِ سان ان ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي. هن وضاحت ڪئي ته آئين جو ڍانچو اصلاح جي اجازت ڏئي ٿو ۽ هن معاملي تي سنجيده بحث ٿيڻ گهرجي.
ڪراچي جي گل پلازه ۾ باهه واري واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي رانا ثنا الله چيو ته جاچ ٿيڻ ضروري آهي ته اضافي منزلن جي منظوري ڪنهن ڏني ۽ تعميرون ڪڏهن ٿيون. هن چيو ته واقعي جا ذميوار ضرور احتساب جو سامهون اچن.
پي ٽي آءِ بابت ڳالهائيندي رانا ثنا الله چيو ته عمران خان ماضي ۾ ملاقاتن کي رياست ۽ ادارن خلاف استعمال ڪندو رهيو آهي، تنهنڪري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملاقاتن جو باقاعده طريقيڪار مقرر ڪيو آهي ۽ هاڻي هن معاملي ۾ منجهيل نه رهڻ گهرجي.
ضلعي حڪومتن بابت صلاحڪار جو چوڻ هو ته مقامي سطح تي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ضلعي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ آئيني گهرج آهي. هن خبردار ڪيو ته جيستائين اختيار هيٺين سطح تائين منتقل نه ٿيندا، عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهندا.
بچاءُ واري وزير خواجه آصف جي بيان تي تبصرو ڪندي رانا ثنا الله چيو ته هر ميمبر کي اظهارِ راءِ جو حق حاصل آهي ۽ خواجه آصف جي ڳالهه سندس ذاتي راءِ هئي، جيڪا پارٽي پاليسي نه هئي. هن زور ڏنو ته ذاتي راءِ کي ذاتي ئي رهڻ گهرجي.

