ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازہ شاپنگ مال ۾ ڇنڇر جي رات لڳل باهه تي آخرڪار ضابطو آندو ويو آهي. باهه سبب عمارت جو لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو حصو ڊهي تباهه ٿي ويو. دم گھٽجڻ ۽ سڙڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ 27 تائين وڌي ويو آهي. ملبو هٽائڻ ۽ لاش ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته گم ماڻهن جي فهرست 85 تائين پهچي وئي آهي.
ريسڪيو عملو عمارت انساني عضوا ۽ لاش ڪڍي رهيا آهن. ڊي آءِ جي ساوٿ اسد رضا موجب فوت ٿيلن ۾ هڪ عورت ۽ باقي سڀ مرد شامل آهن. سڃاڻپ نه ٿيندڙ لاش امانت طور ايڌي سردخاني ۾ رکيا ويا آهن.
چيف فائر آفيسر همايون احمد ميڊيا سان فون تي ڳالهائيندي ٻڌايو ته گل پلازه ۾ مرڪزي باهه مڪمل طور تي وسائي وئي آهي ۽ هن وقت ڪولنگ جو عمل جاري آهي.
ان کان اڳ سومر جي صبح تائين، 36 ڪلاڪ گذرڻ باوجود، عمارت جي پوئين حصي ۾ گرائونڊ فلور ۽ سيڪنڊ فلور تي باهه اڃا تائين ڀڙڪي رهي هئي. فائر بريگيڊ جي گاڏين ڪم روڪي ڇڏيو، ڇو ته باهه وسائڻ دوران عمارت مان ڌڪ ڌڪ جا آواز اچڻ شروع ٿي ويا هئا. فائر بريگيڊ موجب عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ان جي ڪرڻ جو خدشو آهي، تنهنڪري هاڻي صرف ملبو هٽايو پيو وڃي.
گل پلازه جي ويجهو عمارت جي ملبن مان رات دير سان هڪ شخص جي لاش چهيپا عملدارن ڪڍيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. ٻي لاش ٽڪرن جي صورت ۾ ملي، جنهن کي قانوني ڪارروائي بعد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڇنڇر جي رات ساڍا ڏهه وڳي گل پلازه ۾ باهه لڳي، جيڪا تيزي سان پکڙجي وئي. فائربريگيڊ جون ڪيترائي گاڏيون پهتيون، پر باهه وڌندي رهي ۽ نتيجي ۾ عمارت جا ٻه حصا ڪري پيا.
چيف فائر آفيسر همايون ٻڌايو هو ته باهه تي 80 سيڪڙو ڪنٽرول ويو آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي شعلن کي روڪيو ويو آهي، جنهن بعد فائر اينڊ ريسڪيو رضاڪارن کي اندر موڪلڻ شروع ڪيو ويو.
گل پلازا ۾ لڳل باهه جي بعد ريسڪيو عملدارن فوت ۽ زخمي ماڻهن جي فهرست جاري ڪئي آهي. فوت ٿيلن ۾ ڪاشف ولد يونس، فراز ولد ابرار، محمد عامر ولد نامعلوم، فرقان ولد شوڪت علي ۽ پنج ٻيا شامل آهن جن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي. زخمين ۾ حسيب ولد وسيم، وسيم ولد سليم، دانيال ولد سراج، صادق ولد نامعلوم، حمزه ولد محمد علي، رحيم ولد گل محمد، فهد ولد محمد ايوب، جواد ولد جاويد، ايان ولد نامعلوم، عبدالله ولد ظهير، عثمان ولد اصغر علي، فهد ولد حنيف، زين ولد عبدالله، نادر ولد نامعلوم ۽ ٻيا شامل آهن.
ڊي آءِ جي ساوٿ موجب 59 ماڻهو گم آهن جن جي تفصيل حاصل ڪئي وئي آهي. ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايدهي ٻڌايو ته 55 کان وڌيڪ گم ماڻهن جي وارثن اسان سان رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته فائرفائٽر پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي باهه وسائڻ ۽ ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام کي اپيل آهي ته پوليس ۽ انتظاميا سان سهڪار ڪن ۽ عمارت کان پري رهن.
وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه گل پلازا جو دورو ڪندي چيو ته باهه لڳڻ جو اطلاع رات 10 وڳي کانپوءِ مليو، 10:27 تي پهريون فائر ٽينڊر پهتو ۽ آپريشن شروع ٿيو. تقريباً 26 فائر ٽينڊرز، چار اسنارڪل ۽ 10 باؤزر آپريشن ۾ شامل ٿيا، جڏهن ته پاڪستان نيوي ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي به مدد ڪئي. هن افسوس جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته موجوده معلومات مطابق 6 ماڻهو فوت ٿيا آهن جن ۾ هڪ فائرفائٽر به شامل آهي، جڏهن ته 22 زخمي علاج هيٺ آهن.
مراد علي شاهه چيو ته 58 کان 60 ماڻهو گم آهن، ۽ عمارت ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ دڪانون هيون. هن چيو ته باهه جي اصل سبب بابت حتمي طور ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي، ممڪن آهي ته شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي هجي ۽ اهڙو مواد موجود هجي جنهن سان باهه تيزي سان پکڙجي وئي. هن وڌيڪ چيو ته فائرفائٽرز کي اندر وڃڻ جي جاءِ نه ملي رهي هئي جنهن سبب نقصان وڌي ويو. وزيراعليٰ چيو ته متاثرن کي رليف ڏيڻ ۽ واپارين جي نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، ۽ ضرورت پوڻ تي ٻاهرين مدد به طلب ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته عمارت 80 واري ڏهاڪي ۾ ٺهي هئي ۽ ان وقت جو نظام صحيح نموني سنڀاليو نه ويو، جنهن سبب نقصان وڌي ويو.
ڊي آءِ جي ساوٿ اسد رضا ٻڌايو ته پوليس 59 گم ٿيل ماڻهن بابت سندن خاندانن سان رابطو ڪيو آهي ۽ موبائل نمبر حاصل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 26 ماڻهن جي لوڪيشن گل پلازه جي ويجهو ملي آهي، وڌيڪ ماڻهن جي لوڪيشن جي جاچ جاري آهي.
اسپتالن مان مليل رپورٽن موجب، دونهن سبب بيهوش ٿيل ماڻهن کي ابتدائي طبي امداد بعد گهر موڪليو ويو. ٻه فائر فائٽر، ارشاد ۽ بلال زخمي ٿيا، جيڪي پي اين ايس شفا ۾ علاج هيٺ آهن. مجموعي طور تي 30 ماڻهو زخمي ٿيا، جن مان 13 برنس سينٽر، 15 ٽراما سينٽر ۽ 2 جناح اسپتال ۾ داخل ڪيا ويا.
سي پي ايل سي ٽيم سول اسپتال ٽراما سينٽر ٻاهران هيلپ ڊيسڪ قائم ڪيو آهي، جتي متاثر ٿيل ماڻهو پنهنجن گم پيارن بابت تفصيل فراهم ڪري سگهن ٿا. انچارج عامر حسن موجب سڃاڻپ نه ٿيندڙ لاشن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ذريعي ڪئي ويندي، ۽ ماضي ۾ پي آءِ اي جهاز حادثو، سانحو ٻيلو ۽ نوري آباد ۾ به ساڳي ٽيم سڃاڻپ جو ڪم سرانجام ڏنو هو. هن ٻڌايو ته 40 ماڻهن رجسٽريشن ڪرائي آهي.
واٽر بورڊ جي ترجمان موجب فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو 1122 جي درخواست تي واٽر ڪارپوريشن طرفان فوري طور واٽر ٽينڪر فراهم ڪيا ويا ۽ نيپا ۽ صفورہ هائيڊرنٽس تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. سي اي او احمد علي صديقي جي هدايت تي آپريشن جي نگراني ڪئي وئي ۽ فائر بريگيڊ کي بنا رڪاوٽ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وئي. واٽر ڪارپوريشن فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو ادارن سان مڪمل سهڪار جاري رکيو.
ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ لڳل باهه جي بعد ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروائين ۾ بلديه عظميٰ ڪراچي جي هيوي مشينري به شامل ٿي وئي. ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب جي هدايت تي ميونسپل ڪمشنر سيد محمد افضل زيدي ۽ ٻين عملدارن جي سربراهي ۾ مشينري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ آپريشن جي سڌي نگراني ڪئي. ترجمان موجب ميونسپل سروسز ۽ فائر بريگيڊ جي مشينري موجود رهي ۽ ضرورت پوڻ تي وڌيڪ مشينري به الرٽ ڪئي وئي.
باهه جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي ڊي جي رينجرز سنڌ جي هدايت تي رينجرز جا جوان به فوري طور تي گل پلازا پهچي امدادي ڪم ۾ حصو ورتو. گورنر سنڌ ڪمرا ن خان ٽيسوري به واقعي واري هنڌ پهچي متاثر ٿيل تاجرن سان ملاقات ڪئي، بريفنگ ورتي ۽ بحالي لاءِ هدايتون جاري ڪيون.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قيميتي انساني جانين جي نقصان ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿيلن جي وارثن سان دلي همدردي ڪئي. هن چيو ته هو متاثر خاندانن جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ هدايت ڪئي ته ريسڪيو آپريشن لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ متاثرين کي هر ممڪن امداد فراهم ڪئي وڃي.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب به جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو غمزدہ وارثن سان گڏ بيٺل آهن. هن ٻڌايو ته فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو ٽيمون موقع تي موجود آهن ۽ امدادي ڪارروائيون جاري آهن. ميئر ڪراچي بلديه عظميٰ جي سڀني کاتن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته متاثرين کي فوري ريسڪيو ۽ امداد فراهم ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي.



