ڊيره اسماعيل خان: امن ڪميٽي جي سربراهه جي گهر تي آپگهاتي ڌماڪو، 5 ڄڻا فوت

HomeFeatured Newsڊيره اسماعيل خان:...

ڊي آءِ خان(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ قريشي موڙ جي ويجهو امن ڪميٽي جي سربراهه نور عالم محسود جي گهر ۾ شادي جي تقريب دوران ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا۔

ريسڪيو 1122 خيبرپختونخوا جي ترجمان بلال احمد فيضي ٻڌايو ته ڊيره اسماعيل خان ۾ قريشي موڙ جي ويجهو مبينه ڌماڪي جي اطلاع تي ريسڪيو 1122 جون 7 ايمبولينسون، فائر گاڏي ۽ ڊيزاسٽر گاڏي فوري طور تي امدادي ڪارروائي لاءِ روانيون ڪيون ويون۔

هن ٻڌايو ته ريسڪيو 1122 اڃا تائين 5 فوت ٿيلن جا مڙهه ۽ 10 زخمي اسپتال منتقل ڪيا آهن ۽ ريسڪيو آپريشن جاري آهي۔

ڊيره اسماعيل خان جي ڊي پي او صاحبزاده سجاد احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڌماڪو امن ڪميٽي جي اڳواڻن جي گهر ۾ شادي جي تقريب دوران ٿيو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي۔ ڊي پي او ٻڌايو ته آپگهاتي بمبار جي سسي ملي وئي آهي۔

پوليس موجب ڊيره اسماعيل خان ۾ امن ڪميٽي جي ميمبر نور عالم محسود جي گهر ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ رواني ڪئي وئي۔ پوليس ٻڌايو ته ڌماڪي وقت گهر ۾ شادي جي تقريب جاري هئي ۽ وڏي تعداد ۾ جاني نقصان جو خدشو آهي۔

ڊيره پوليس ٻڌايو ته ڌماڪي وقت امن ڪميٽي جا ڪيترائي ميمبر موجود هئا ۽ شروعاتي طور تي 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي اطلاع آهي۔

آر پي او ڊيره سيد اشفاق انور ٻڌايو ته شادي جي تقريب دوران ڌماڪو ٿيو ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي۔

خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ محمد سهيل آفريدي ڊي آءِ خان ۾ بم ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي۔ وزيراعليٰ سهيل آفريدي ڌماڪي بابت آءِ جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ سيڪيورٽي ادارن کي واقعي جي فوري جاچ ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔

هن چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، ذميوارن کي سزا ڏني ويندي، صوبائي حڪومت شهيدن جي وارثن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي۔ وزيراعليٰ سهيل آفريدي شهيدن جي درجات بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ڪي پي جي وڏي وزير...

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان...

اچو سڀ ڪجهه وساري اڳتي...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻن باني چيئرمين عمران خان جي صحت بابت...

ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردن...

ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن وانڊه بڊھ پوليس تي فائرنگ ڪئي،...

هر ظلم جو حساب ٿيندو،...

پشاور(ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي چيو آهي ته اقتدار هميشه لاءِ نه هوندو، اڄ اوهان جي باري آهي،...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});