هر ظلم جو حساب ٿيندو، اقتدار مستقل ناهي: سهيل آفريدي

HomeFeatured Newsهر ظلم جو...

پشاور(ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي چيو آهي ته اقتدار هميشه لاءِ نه هوندو، اڄ اوهان جي باري آهي، سڀاڻي اسان جي هوندي، ۽ هر ظلم جو حساب ورتو ويندو.

جمرود ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي اپلائيڊ سائنسز جي اپ گريڊشن تقريب کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته جمرود کي ڄاڻي واڻي ترقي کان پٺتي رکيو ويو، پر هاڻي تعليم جي ميدان ۾ عالمي سطح تي ترقي ڏني ويندي. هن چيو ته عمران خان جي وژن موجب انسانن تي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، ماضي ۾ نوجوانن کي بندوق سيکاريو ويو، هاڻي قلم جي ذريعي بااختيار بڻايو ويندو.

وزيراعليٰ چيو ته قومي ميڊيا خيبرپختونخوا جي عوام کي پنهنجو نه ٿو سمجهي، اربين رپيا هڙپ ڪندڙن جو احتساب نه ٿو ٿئي، پر جڏهن هن وادي تي راهه متاثرن لاءِ 4 ارب رپيا جاري ڪيا ته ميڊيا تي سندس خلاف مهم هلائي وئي. هن چيو ته جيڪڏهن قومي ميڊيا سچ نه ٿو ڏيکاري ته گهٽ ۾ گهٽ ڪوڙو به نه ڏيکاري.

سہيل آفريدي چيو ته باني پي ٽي آءِ سان ملاقات لاءِ آئيني قدم کنيا ويا پر اجازت نه ڏني وئي، جيڪڏهن قانوني تقاضا پوري ڪرڻ باوجود ملاقات نه ٿي ڏني وڃي ته احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ناحق قيد ڪيو ويو آهي، بنيادي حقن جي لتاڙي ٿي رهي آهي، ۽ هڪ صوبائي وزيراعليٰ کي بار بار اڊياله جيل وڃڻ کان روڪيو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وزيراعليٰ سان اهڙو رويو آهي ته عوام سان ڇا ٿيندو؟ آئيني ۽ قانوني رستا آزمايا ويا پر شنوائي نه ٿي، هاڻي پرامن احتجاج ئي واحد آپشن آهي. سهيل آفريدي چيو ته خيبرپختونخوا جا نوجوان پنهنجن حقن لاءِ اٿن، عوام جي مفاد خلاف هر پاليسي جي مخالفت ڪئي ويندي.

تقريب ۾ هن ضم ٿيل ضلعن جي سڀني ڪاليجن لاءِ مفت ٽرانسپورٽ سروس جو اعلان ڪيو ۽ ٻڌايو ته جمرود ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس، ڊيٽا سائنس، روبوٽڪس ۽ سافٽ ويئر انجنيئرنگ پروگرام شروع ڪيا پيا وڃن. صوبائي حڪومت جديد تعليم ڏانهن قدم کڻي رهي آهي، ۽ ڪاليجن ۾ پهريون ڀيرو اسٽيٽ آف دي آرٽ ليبز ۽ لائبريريون قائم ڪيون پيون وڃن.

وزيراعليٰ سهيل آفريدي چيو ته حڪومت نوجوانن کي بندوق نه پر قلم جي ذريعي بااختيار بڻائڻ چاهي ٿي، جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کانسواءِ عالمي ترقي جو مقابلو ممڪن ناهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

خيبرپختونخوا ۾ آپريشن جو مقصد...

ڪراچي (رپورٽ: صدرالدين جوکيو) خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي چيو آهي ته اسان صرف تحريڪ طالبان پاڪستان نه پر...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});