ڪراچي (رپورٽ: صدرالدين جوکيو) خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي چيو آهي ته اسان صرف تحريڪ طالبان پاڪستان نه پر سڀني دهشتگرد تنظيمن جي مخالفت ڪريون ٿا، پر صوبي ۾ فوجي آپريشنز سان امن قائم نه ٿيندو. هن جو چوڻ هو ته ڪي پي ۾ آپريشن جو اصل مقصد عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ختم ڪرڻ آهي.
وزيراعليٰ سهيل خان آفريدي ٽن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو، هو ٻنپهرن جو 1:55 تي شهر ۾ داخل ٿيو ۽ پوءِ ريلي جي اڳواڻي ڪندي باغ جناح پهتو، جتي هن آچر تي ٿيندڙ انتظامن جو جائزو ورتو۔
ايئرپورٽ کان باغ جناح ۽ پوءِ ڪراچي پريس ڪلب تائين وزيراعليٰ جي قافلي جو جتان جتان گذر ٿيو، اتي عوام ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن طرفان آجيان ڪئي وئي ۽ باني تحريڪ انصاف جي حق ۾ نعرا هنيا۔
باغ جناح کان وزيراعليٰ قافلي جي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب پهتو، جتي هن “ميٽ دي پريس” ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ هن چيو ته ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان منهنجو ڪنهن سان به ڪو رابطو ناهي، ۽ خيال آهي ته فوجي آپريشن سان امن قائم نه ٿيندو۔
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم مونکي خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڳالهه ٻولهه تي سڏيندو ته مان ضرور ويندس۔ وفاق، ڪي پي حڪومت، سياسي پارٽيون ۽ سيڪيورٽي ادارا گڏجي امن قائم ڪرڻ جو رستو ڳولين.
سهيل آفريدي وضاحت ڪئي ته ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه جو اختيار محمود خان اچڪزي ۽ علامه راجا ناصر وٽ آهي، اهي ئي معاملو ڏسندا۔ هن ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ ۽ سندس زال جي آزادي لاءِ اسٽريٽ موومينٽ شروع ڪئي وئي آهي، ۽ ان سلسلي ۾ 11 جنوري تي باغ جناح ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ طرفان جلسو ٿيندو۔
وزيراعليٰ سهيل آفريدي صحافين کان دير سان پهچڻ تي معافي گهري ۽ چيو ته ڪارڪنن جي شاندار استقبال سبب مان دير سان پهتو آهيان۔ هن چيو ته عمران خان مونکي ذميواري ڏني آهي ته اسٽريٽ موومينٽ کي اڳتي وڌايان۔
هن ٻڌايو ته مان پنجاب ويو هئس، اتي اسان جي پارليامينٽيرينز سان جيڪو رويو رکيو ويو اهو انتهائي افسوسناڪ هو، اسان کي اهو رويو بلڪل پسند نه آيو۔ هاڻي عمران خان جي هدايت تي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي آيو آهيان، جتي مان تنظيمي دوستن سان ملاقات ڪندس۔
هن چيو ته جلسي لاءِ درخواست ڏني وئي آهي ۽ سڀ گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن، پر اڃا تائين جواب نه مليو آهي۔ انشاءَالله 11 جنوري تي ڪراچي ۾ جلسو ٿيندو جيڪو تاريخي هوندو۔
سهيل آفريدي چيو ته منهنجو ليڊر عمران خان حقيقي آزادي جي تحريڪ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ نه پر آزاد قانون ۽ آزاد ميڊيا جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، جنهن سبب کيس ناحق قيد ۾ رکيو ويو آهي۔ سندس زال بشريٰ بي بي به ناحق قيد ۾ آهي۔ عمران خان جون ڀينرون جڏهن اڊياله جيل ۾ ملڻ وينديون آهن ته کين ملاقات جي اجازت نه ڏني ويندي آهي۔
وزيراعليٰ چيو ته قيد ۾ جيڪي بنيادي انساني حق آهن، اهي به عمران خان کي ناهن ڏنا پيا وڃن۔ سندس خاندان ۽ ساٿين سان ملاقات جي اجازت ناهي۔ منهنجو قائد سڀ کان وڌيڪ مقبول ليڊر آهي۔ عمران خان جي حڪومت کي 9 اپريل تي غيرقانوني طور ختم ڪيو ويو، اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو۔ هي جنگ ذاتي نه پر سڀني جي آهي۔
هن وڌيڪ چيو ته صحافين سان جيڪو رويو رکيو ويو آهي، اهو سڀ ڄاڻن ٿا۔ جيڪڏهن مان نالا وٺڻ شروع ڪندس ته ٿڪجي پوندس پر نالا ختم نه ٿيندا۔ توهان سڀ ميڊيا وارا اسان جو ساٿ ڏيو، هتي به ساڳي فسطائيت شروع ٿي آهي جيڪا سڀ ڏسي رهيا آهن۔ صحافتي برادري ۽ سياستدان هڪ ٻئي لاءِ لازم و ملزوم آهن۔
سهيل آفريدي چيو ته سنڌ ۾ اڃا تائين اسان کي زرداري جي حڪومت نظر اچي ٿي، ڀٽو جي حڪومت ناهي۔ پر اسان مطمئن آهيون۔ هن چيو ته خيبرپختونخوا جا ماڻهو پي ٽي آءِ سان مطمئن آهن۔ سڄي پاڪستان ۾ خيبرپختونخوا جي حڪومت عوام جي ووٽن سان آئي آهي۔ عوام عمران خان تي اعتماد ڪري ٿو، جنهن سبب ٽئين ڀيري عوام عمران خان کي موقعو ڏنو۔

