سنڌ جي وڪيلن 27هين ترميم رد ڪري ڇڏي، 14 نومبر تي ڌرڻي جو اعلان

Homeاهم خبرسنڌ جي وڪيلن...

حيدرآباد (رپورٽ: غلام حسين) سنڌ جي وڪيلن 27هين آئيني ترميم کي سخت لفظن ۾ رد ڪندي ان خلاف تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حيدرآباد ۾ آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڪوٺايل ڪنوينشن ۾ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ ايڊووڪيٽ اسرار چانگ، ڪي بي لغاري، عامر وڙائچ، الطاف سچل اعواڻ، حسيب جمالي، حق نواز ٽالپر، سجاد چانڊيو، اشرف سمون، مير احمد مڱريو، اشعر مجيد کوکر، بابر مسعود، رسول ميمڻ، سيد طارق شاهه، علي اڪبر بروهي، جاويد بليدي، رشيد راڄر، لياقت سهتو، ميان تاج محمد ڪيريو، نورالحق قريشي، انيس رحمان ۽ ٻيا شامل هئا. عورت وڪيلن جي به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڪنوينشن دوران “ترميم نامنظور” جا زوردار نعرا هنيا ويا. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 27هين ترميم آئين تي راتاهو آهي، جنهن سان عدالتي نظام کي مفلوج بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته ترميم ذريعي حڪمران پنهنجي مرضي جا جج مقرر ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪي ڊڪٽيشن تي هلندا. اهڙي ترميم سان نه صرف آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي، پر سنڌ جي وسيلن تي به ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

وڪيل اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ترميم واپس نه ورتي وئي ته هو ٻيهر روڊن تي نڪرندا. هنن چيو ته ملڪ کي ٽوڙڻ جي سازش تحت راتو رات ترميمون آڻي صوبن جي خودمختياري ۽ عدالتي آزادي تي حملو ڪيو پيو وڃي. اين ايف سي ايوارڊ مان سنڌ جو حصو گهٽائڻ، آئيني عدالتون قائم ڪري مرضي جا جج لڳائڻ، ۽ عدالتي نظام کي کوکلو ڪرڻ جهڙا قدم ناقابل قبول آهن.

اڳواڻن چيو ته 26هين ترميم ۾ به اهڙا فيصلا ٿيا هئا، هاڻي وري انهن کي ورجايو پيو وڃي. حڪمران هر ڀيري ترميمون آڻي پنهنجو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جيڪا آئين جي سڌي ڀڃڪڙي آهي. وڪيلن اعلان ڪيو ته هو آئين جا محافظ آهن ۽ اهڙي ترميم کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا.

ان موقعي تي آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي جي سيڪريٽري ۽ هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسرار چانگ اعلان ڪيو ته 14 نومبر تي قاسم آباد باءِ پاس تي ڪورٽ کان ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويندو، جڏهن ته ان ڏينهن سمورين ڪورٽن ۾ عدالتي ڪاررواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

وفاقي ڪابينا جو اجلاس اچانڪ...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جو اڄ ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو، جتي امڪان هو ته 27هين آئيني...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});