اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جو اڄ ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪيو ويو، جتي امڪان هو ته 27هين آئيني ترميم جي منظوري ڏني وڃي. ذريعن موجب، اجلاس جي ملتوي ٿيڻ جو سبب پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو جاري اجلاس بڻيو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس لاءِ 13 نڪاتي ايجنڊا طئي ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ 27هين آئيني ترميم به شامل هئي، پر پيپلز پارٽي جي مشاورت سبب اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو.
ٻئي طرف، سينيٽ جو اجلاس به اڄ طلب ڪيو ويو آهي، پر ان جي ايجنڊا ۾ 27هين آئيني ترميم شامل ناهي. البت، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ترميم جو مسودو ضمني ايجنڊا طور پيش ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي منظوري کان پوءِ 27هين آئيني ترميم کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، جتي ان کي ضمني ايجنڊا طور شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
انهيءَ سان گڏ، قومي اسيمبلي جو اجلاس به طئي ڪيو ويو آهي، جنهن جي 14 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي، پر ان ۾ به 27هين آئيني ترميم شامل ناهي.

