اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڪستان آرمي ايڪٽ، ايئر فورس ايڪٽ، ۽ نيوي ايڪٽ سميت عدليه سان لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي. ترميمن جو مقصد انهن قانونن کي ساويهين آئيني ترميم سان هم آهنگ بڻائڻ آهي.
وزيراعظم آفيس موجب، اجلاس دوران آئيني آرٽيڪل 243 جي بنياد تي قانون سازي ڪئي وئي، جنهن تحت چيئف آف ڊي فنس فورسز جي عهدي جي مدو مقرر ڪيو ويو آهي. ترميمن مطابق، موجوده چيئرمين جوائنٽ چيئف آف اسٽاف ڪميٽي جي رٽائرمينٽ کان پوءِ اهو عهدو ختم ڪيو ويندو.
فوجي قانونن ۾ فِيلڊ مارشل، مارشل آف دي ايئر فورس، ۽ ايڊمرل آف دي فليٽ جهڙا اعزازي عهدا به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي جديد جنگي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي تجويز ڪيا ويا آهن.
اجلاس ۾ وفاقي آئيني عدالت بابت فيڊرل ڪانسٽيٽيوشنل ڪورٽ (پروسيجر اينڊ پريڪٽس) ايڪٽ 2025 جي مسودي جي به منظوري ڏني وئي. ان سان گڏوگڏ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 7 نومبر 2025 تي ٿيل اجلاس جي فيصلي جي توثيق پڻ ڪئي وئي.
اجلاس کان پوءِ وزير منصوبابندي احسن اقبال چيو ته نئين آئيني ترميم تحت نوان عهدا متعارف ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته وزير دفاع خواجه آصف وضاحت ڪئي ته آئيني ترميم هاڻي دستور جو حصو بڻجي چڪي آهي، جنهن جي بنياد تي ضروري قانون سازي ڪئي پئي وڃي. وزير اطلاعات عطا تارڙ جو چوڻ هو ته آئيني ترميم جي منظوري کان پوءِ لاڳاپيل قانونن ۾ تبديليون لازمي آهن.

