اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايس آءِ ايف سي جي تعاون سان ڪلائوڊ ايگري گروپ جي اشتراڪ سان آمريڪا مان اعليٰ نسل جا مال سڌو پاڪستان پهچي ويا، جيڪي ملڪ جي ڊيري شعبي لاءِ تاريخي قدم قرار ڏنا پيا وڃن. ان اقدام سان دودھ جي پيداوار ۽ ڊيري مصنوعات جي برآمدات ۾ نمايان واڌ جو امڪان آهي.
گرين ڪارپوريٽ لائيو اسٽاڪ انيشيئيٽوجديد بريڊنگ ٽيڪنالاجي، جينياتي بهتري ۽ تربيت جي ذريعي مال پالڻ جي شعبي کي عالمي معيار تي آڻڻ لاءِ سرگرم آهي. مال جي صحت، خوراڪ ۽ افزائش نسل بابت سائنسي بنيادن تي عملي قدم کنيا پيا وڃن.
2024 ۾ برازيلي نسل جا مال به GC-LSI تحت پاڪستان آندا ويا هئا، جن کي وڏي پذيرائي ملي. ايس آءِ ايف سي جي مدد سان هن منصوبي ۾ بين الاقوامي سيڙپڪاري ۽ پارٽنرشپ ممڪن ٿي سگهي آهي، جيڪو نيشنل هرڊ ٽرانسفارميشن جي حصي طور ملڪ جي لائيو اسٽاڪ شعبي کي جديد بنيادن تي ترقي ڏيڻ جي ڪوشش آهي.

